11 پیر , دسمبر 2017

عوامي آواز پروگرام : انٽرويو | مهمان : ڊاڪٽر جعفر احمد| ميزبان : اسد ممتاز رڏ

ڪراچي (رپورٽر)قومي ۽ نظرياتي رياستن وٽ هڪ مخصوص بيانيو هوندو آهي، شاگردن کي هڪ خاص نقطئه نظر تحت تاريخ پڙهائي ويندي آهي، اتي تاريخ جو فريم ورڪ الڳ هوندو آهي، اها تاريخ پڙهائي ويندي آهي، جنهن سان ماضيءَ جي مدد سان حال کي جائز قرار ڏنو وڃي، مشهور تاريخدان ۽ محقق ڊاڪٽر جعفر حسين عوامي آواز جي پروگرام انٽرويو ۾ ميزبان اسد رڏ سان گفتگو ڪندي وڌيڪ چيو ته ڇاڪاڻ ته پاڪستان هڪ اسلامي رياست آهي، انهيءَ لاءِ اسان وٽ تاريخ 712ع کان وٺي پڙهائي وڃي ٿي، سياسي نقطئه نظر کان ڏٺو وڃڻ ڪري تاريخ سان هڪ سبجيڪٽ طور زيادتي ڪئي وئي آهي، تاريخ ٻڌائي ٿي ته پاڪستان صوبن جي ڪري وجود ۾ آيو، ڇو ته صوبن جي منظوري سان وفاق ٺهيو پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ وفاق صوبن کي حق ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، قائداعظم پاڪستان ٺهڻ کان 20 سال اڳ صوبائي خودمختياري ۽ نون صوبن ٺاهڻ جي گهر ڪئي هئي، پر مرڪزيت پسند سوچ پاڪستان کي مضبوط ملڪ ٿيڻ نه ڏيندي، مشرقي پاڪستان به جائز حق ۽ خودمختياري نه ملڻ ڪري الڳ ٿي ويو. 70 سالن جي تاريخ ۾ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي غلطي افغانستان جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ هئي، زميني حقيقتن جي ابتڙ اسان آمريڪا جي چوڻ تي انهن جو ساٿ ڏنو، جنهن جا نتيجا پاڪستان ۾ هيروئن، ڪلاشنڪوف ۽ انتهاپسندي وڌڻ آهي، سوويت يونين ٽٽڻ کانپوءِ آمريڪا ڀڄي ويو ۽ ساڳين ٺاهيل جهادين تعصب ۽ فرقيواراڻا باهه هن ملڪ کي ٻاري ڇڏيو. هن چيو ته دنيا ۾ يونيورسٽيون اتي ئي سٺيون هونديون آهن، جتي جمهوريتون مضبوط هونديون آهن، جيستائين معاشري ۾ مضبوط جمهوري قدر نه هوندا، ٻئي جو نقطئه نظر ٻڌڻ جو حوصلو ۽ برداشت نه هوندي. تعليمي ادارا ترقي نه ڪندا، اسان جي تعليمي نصاب ۾ نفرت وارو مواد موجود آهي، اسان وٽ غير سائنسي ذهن سان سائنس پڙهائي وڃي ٿي، جنهن ڪري ڊگريون ته ملن ٿيون پر سائنسدان پيدا نٿا ٿين، تعليم تي خرچ وڌايو وڃي ۽ بجيٽ جو وڏو حصو پرائمري تعليم تي خرچ ڪرڻ سان گڏ ٽيڪنيڪي تعليم وڌائڻ سان تبديلي ايندي.0030

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: ڪستو اڇلائڻ جا دعويدار حڪمرانن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي: ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي

جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي چيو آهي ته ڪستو اڇلائڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے