28 جمعو , اپريل 2017
نڪور خبرون

نوڪيا سام گيلڪسي ۽ آءِ فون کي پوئتي ڇڏڻ لاءِ تيار….!

Nokia 9لنڊن(ويب ڊيسڪ)نوڪيا جي3 اينڊرائيڊ سمارٽ فون ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيا ويندا پر ڪمپني پنهنجي فليگ شيپ ڊيوائس کي به متعارف ڪرائڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته  نوڪيا پاران فليگ شپ نوڪيا نائين نالي سمارٽ فون تي ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪو گيلڪسي ايس ايٽ ۽ آءِ فون ايٽ جي مقابلي ۾پيش ڪيو ويندو. نوڪيا نائين فيچرز جي لحاظ سان سام سنگ جي گليڪسي ايس ايٽ کان به بهتر ٿي سگهي ٿو ۽ هن جي ڊيزائين به وڌيڪ خوبصورت هوندي. نوڪيا نائين ايٽ خاڪي رنگ ۾ منظر عام تي آيو آهي جنهن ۾ ان جي فيچرن ۽ قيمت جي بابت به ٻڌيو ويو آهي. نوڪيا نائين بيزل ليس اسڪرين وارو فون ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ هوم بٽڻ کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ فنگر پرنٽ سينسر بيڪ تي رکيو ويو آهي. فون ۾ ڊوئل ڪيمرا به موجود هوندي جتي فنگر پرنٽ سان گڏ ان جي ڊيزائين گليڪسي ايس ايٽ کان بهتر لڳندي. هي فون 5.5 انچ جي او ايل اي ڊي ڊسپلي وارو هوندو جنهن ۾ اسنيپ ڊراگون 838 پراسيسر، 6 جي بي ريم،128 جي بي اسٽوريج موجود هوندي. هن جي بيڪ ڪيئمرا 22 ميگا پڪسل هوندي ۽ فرنٽ ڪيمرا 12 ميگا پسڪل هوندي ۽ اهڙي طرح هن جي بيٽري 3800ايم اي ايڇ هوندي جنهن ۾ ڪوئيڪ چارج 4.0 جي صلاحيت هوندي. هي فون هلندڙ سال سامهون ايندي ۽ هن جي قيمت 699 ڊالر هوجڻ جو امڪان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

spy

سي آئي اي جو جاسوسي لاءِ ٻلين جي استعمال جو انڪشاف

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ): وڪي ليڪس انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا جي ڳجهي اداري سي آءِ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي