27 خميس , اپريل 2017

نورين لغاري سادي ۽ سٺي شاگردياڻي هئي، جاچ ۾ سهڪار ڪري رهيا آهيون: نوشاد شيخ

Noorenحيدرآباد(ويب ڊيسڪ) لياقت يونيورسٽي جي وائس چانسلر نوشاد شيخ چيو آهي ته نورين لغاري سادي ۽ سٺي ناري هئي، پڙهائي ۾ سندس نتيجا به سٺا ايندا هئا. حيدرآباد ۾ نورين لغاري ڪيس بابت ميڊيا بريفنگ ڏيندي نوشاد شيخ چيو ته  نورين لغاري جون ٽي چار ساهيڙيون هونديون هيون، هوءَ سٺي ناري هئي جڏهن ته هن جون 2 ساهيڙيون مسلمان ۽ ۽ 3 هندو هيون، ممڪن آهي ته نورين سوشل رميڊيا تي ڪنهن سان رابطي ۾ رهي هجي جڏهن ته يوينورسٽي اندر شاگردن کي اهڙي تربيت ڏيڻ بابت ڪي به ثبوت ناهن مليا. هن چيو ته نورين لغاري جاچ ۾ ادارن سان سهڪار ڪري رهيا آهيون، يونيورسٽي ۾ ڪا به غير معمولي سرگرمي نظر آئي ته ايجنسين کي اطلاع ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته اسان ان معاملي تي گهري نظر رکي آهي،  اسان کي طلاع مليا ته نورين لاهور وئي آهي جڏهن ته نورين لغاري ڪنهن به ڪارروائي ۾ شريڪ هئي ته ان جو يونيورسٽي سان ڪو به تعلق نه هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Bilawal

بلاول ڀٽو زرداري طرفان ڪشمير جي حريت اڳواڻ آسيا اندرابي جي گرفتاري جي مذمت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري ڪشمير جي حريت اڳواڻ آسيا …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي