12 اڱارو , ڊسمبر 2017

گليڪسي ۽ آءِ فون جي گڏيل ڊزائن واري سمارٽ فون

vivoڪراچي (ويب ڊيسڪ) تصور ڪيو ته جيڪڏهن آءِ فون سيون ۽ گليڪسي ايس سيون ايج کي پاڻ ۾ گڏايو وڃي ته فون ڪيئن نظر ايندي؟ چيني ڪمپني ويوو اهڙو ئي ڪجهه ڪيو آهي ۽ ٻن مشهور ڪمپنين جي فليگ شپ فونن جي خاصيتن کي هڪ ڊوائس ۾ گڏ ڪيو آهي. ويوو ايڪس پلي سڪس آءِ فون ۽ گليڪسي ايس سيون ايج جي ڊزائن جو مڪسچر آهي، جنهن ۾ سام سنگ جهڙو ڊسپلي ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ان جي پويان ايپل جهڙو انٽينا بينڊنگ موجود آهي. اها فون اينڊرائيڊ مارش ميلو آپريٽنگ سسٽم سان ليس آهي، جنهن کي ڪمپني پنهنجي ورزن فن ٽچ سان اپ ڊيٽ ڪيو آهي. هتي به ڪمپني اينڊرائيڊ کي ايپل جي آءِ او ايس آپريٽنگ سسٽم سان ملايو آهي ۽ اهو تجربو بظاهر ڪجهه وڌيڪ سٺو ناهي. 5.46 انچن جو ڪواڊ ايڇ ڊي ڊسپلي، ڊوئل ڪئميرا، جنهن ۾ هڪ 12، جڏهن ته ٻي 5 ميگا پڪسل آهي ۽ ان سان گڏ ڊوئل ايل اي ڊي فليش به موجود آهي. ان ۾ ڪوالڪوم اسنيپ ڊراگون 820 پراسيسر ڏنو ويو آهي، جڏهن ته 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽيوريج آهي. موبائل جي بيٽري به ڏاڍي طاقتور آهي، جيڪا 4080 ايم اي ايڇ آهي. توهان جيڪڏهن ان موبائل کي خريدڻ چاهيو ٿا ته اها ايتري سستي ناهي، ڇو ته ان کي چين ۾ 655 ڊالرن (68 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) پئسن ۾ آن لائين وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سام سنگ هاڻ هٿ پڙهڻ وارو فون تيار ڪندي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سام سنگ ارادو ظاهر ڪيو آهي ته هو اهڙي اسمارٽ فون تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے