26 جمعرات , اپریل 2018

مرحليوار آدمشماري جي تجويز نه مڃي وئي، ڳڻپ اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ناهي ٿي: قائم علي شاهه

Qaim-ALi-Shahڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته آدمشماري اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ناهي ٿي پر ان بابت فيصلو گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي 25 مارچ تي ٿيندڙ اجلاس تائين ملتوي ٿيو آهي. سي سي آءِ جي ايندڙ اجلاس ۾ وزيراعظم ۽ ٻين صوبن جي وڏن وزيرن کي ان ڳالهه تي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته آدمشماري ترت ڪرائڻ ضروري آهي. هن اهڙو اظهار ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر خواجا اظهار الحسن جي پوائنٽ آف آرڊر تي بيان ڏيندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته مون سي سي آءِ جي اجلاس ۾ سنڌ جي ماڻهن جي جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪئي ۽ اهو ٻڌايو ته سنڌ جون سموريون سياسي پارٽيون فوج جي نگراني ۾ آدمشماري ترت چاهين ٿيون. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي آدمشماري ڪرائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي، ان لاءِ اسان ان معاملي تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي 32 سياسي پارٽين شرڪت ڪئي هئي، اها ڪامياب اي پي سي هئي. اي پي سي جي متفقه قراردادن ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته آدمشماري ٿئي پر اها فوج جي نگراني ۾ ٿئي. مون سي سي آءِ کي آل پارٽيز ڪانفرنس جي قراردادن کان آگاهه ڪيو ۽ اهو ٻڌايو ته اهو سنڌ جي ماڻهن جو آواز آهي. وڏي وزير چيو ته آدمشماري جي معاملي تي بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه کي خدشا هئا، سندن چوڻ هو ته جيستائين اتي موجود غير ملڪين جي رجسٽريشن ٿي وڃي تيستائين آدمشماري نه ٿئي. مون کين ٻڌايو ته سنڌ ۾ پرڏيهين جو انگ وڌيڪ آهي، انهن مان اڪثر غير ملڪين جي رجسٽرين به نه ٿي آهي، اهڙي طرح مشڪلاتون ته رهنديون پر آدمشماري ٿيڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته وزيراعظم سي سي آءِ جي اجلاس ۾ ٻڌايو ته آدمشماري لاءِ فوج کي گهٽ ۾ گهٽ 3 لک فوجي اهلڪارن جي ضرورت پوندي پر ضرب عضب آپريشن سبب رڳو 80 هزار کان هڪ لک فوجي اهلڪار دستاب ٿي سگهندا. ان تي مون وزيراعظم کي تجويز ڏني ته بلدياتي چونڊن وانگر هر صوبي ۾ الڳ الڳ آدمشماري ڪرائي وڃي پر سي سي آءِ ۾ اڪثر ماڻهن جي اها راءِ هئي ته بين الاقوامي معيار اهو آهي ته پوري ملڪ ۾ هڪ ئي وقت آدمشماري ٿئي. هر صوبي ۾ الڳ الڳ آدمشماري نٿي ٿي سگهي ۽ ان ئي ڳالهه تي اتفاق ٿيو. وزيراعظم چيو ته هو آرمي چيف سان ٻيهر ڳالهائيندو ته آدمشماري لاءِ گهربل فوجي اهلڪارن جون خدمتون حاصل ڪري سگهجن. سيد قائم علي شاهه چيو ته آدمشماري اڻڄاتل مدي تائين ملتوي نه ٿي آهي، ان بابت فيصلو سي سي آءِ جي ايندڙ اجلاس ۾ تائين ملتوي ٿيو آهي. ان کان اڳ اپوزيشن ليڊر خواجا اظهار الحسن چيو ته وڏو وزير هميشه اها ڳالهه ڪندو رهيو آهي ته آدمشماري سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي پر آدمشماري جي التويٰ واري فيصلي مان ظاهر ٿئي ٿو ته وڏي وزير سي سي آءِ جي اجلاس ۾ سنڌ جو ڪيس درست طريقي سان پيش نه ڪيو آهي. اي پي سي ۾ سمورين سياسي پارٽين اهو به مطالبو ڪيو هو ته آدمشماري التوي جو شڪار نه ٿئي. سنڌ حڪومت وفاق جي دٻاءُ ۾ اچي ويئي آهي. سينيئر وزير نثار احمد کهڙي چيو ته آدمشماري واقعي سنڌ لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. سنڌ جو واضح موقف آهي ته آدمشماري ملتوي نه ٿيڻ گهرجي. آدمشماري التويٰ جو شڪار ٿيڻ سنڌ سميت پوري ملڪ لاءِ سٺي ڳالهه ناهي ۽ اسان ان تي خوش ناهيون. وفاقي حڪومت هڪ سال اڳ آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو پر التويٰ جي اعلان سان واضح ٿئي ٿو ته وفاقي سرڪار اهو ڪم ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي. اسپيڪر آغا سراج دراني تجويز ڏني ته جيڪڏهن وفاقي سرڪار آدمشماري نٿي ڪرائي سگهي ته سنڌ حڪومت پاڻ صوبي ۾ آدمشماري ڪرائي ته جيئن اها خبر پئجي سگهي ته سنڌ ۾ ڪهڙي صورتحال آهي. سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين کي اهو پيغام ڏيڻ گهرجي ته اهي سنڌ جي اشوز تي گڏ آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جسٽس ثاقب سيڪريٽري هو، نئب جاچ ڪري ته چيف جسٽس ڪيئن بڻيو: نواز شريف

اسلام آباد ( بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته نئب  جاچ ڪري ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے