19 اربع , سيپٽمبر 2018

اقتداري پارٽين وچ ۾ گولاباري ۽ عوامي مسئلا

پاڪستان ۾ اقتدار لاءِ مقابلو ڪندڙ ٻن اهم پارٽين جا وفاقي ۽ صوبي سنڌ جي مورچن تان هڪٻئي تي تيراندازي جاري آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ نواز جا اڳواڻ ان سلسلي ۾ هڪٻئي سان حساب ڪتاب چڪتو ڪرڻ جي موڊ ۾ ته آهن، پر ڪنهن به حوالي سان عوام کي ڇا ڇا ملڻ گهرجي اها ڳالهه نعرن کان وڌيڪ ڪابه ڪانهي. ان ڪري ٻنهي پارٽين پاران ”پنهنجو پاڻ ۾ مخالفت پيدا ڪرڻ“ واري مظاهري هيٺ سياسي ميزائيل ۽ تيراندازيون جاري آهن. ان سلسلي ۾ نواز ليگ جو مورچو وزيراعظم ميان محمد نواز شريف صاحب، سعد رفيق ۽ ٻين وزير سنڀاليو آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي جو مورچو سيد خورشيد احمد شاهه، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ نثار احمد کهڙي سنڀاليو آهي. عام تبصرن ۾ اهي تيراندازيون ۽ مخالفتون عارضي سڏيون ويون آهن ۽ ان جا مقصد پڻ عارضي آهن.

ٻه ڏينهن اڳ وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته ملڪ جي ٻن صوبن ۾ ترقي ٿي آهي پر اهو سوال پڇڻ گهرجي ته باقي ٻن صوبن سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جي حالت ڇو ناهي بدلي سگهي، سنڌ سرڪار هن ڀائرن ۽ ڀينرن جو ڪجهه ته خيال ڪري ها، ماڻهن وٽ ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ به ناهي بک بدحالي آهي جيڪب آباد کي سئو سال پوئتي ڌڪيو ويو آهي هاڻ جيڪب آباد جي حالت بدلائي ڏيکاريندس عوام جي ووٽن تي ٺهندڙ سرڪارون عوام جو درد رکنديون آهن پر سنڌ ۾ بيروزگاري بد حالي ڏني وئي ڪراچي کي ڪچرا ڪُنڊي ۾ تبديل ڪيو ويو اسان جي سرڪار سڀ کان پهريان سنڌ جي ڳوٺن مان سخت رڪاوٽن باوجود به ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو آندو.  ڪراچي جون حالتون بهتر ڪيون رات جي وقت ڪوبه ماڻهو سفر نه ڪري سگهندو هو هاڻ جو اڌ رات جو به روڊن تي سفر ڪري سگهن ٿا، اهڙن خيال جو اظهار هن هتي جيڪب آباد جي نمائش گرائونڊ ۾ مسلم ليگ ن جي صوبائي اڳواڻ محمد اسلم ابڙو طرفان ڪوٺايل هڪ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو.

هن چيو ته سنڌ سرڪار هتان جي عوام کي مايوس ڪيو مان اوهان کي مايوس نه ڪندس. مون کي ڄاڻ آهي ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ هيپاٽائٽس جا ڪيس هتي آهن پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي جيڪب آباد کي پٿرن واري زماني جي دور جهڙو بڻايو ويو آهي. هن چيو ته ملڪ مان لوڊ شيڊنگ جي لعنت ختم ڪئي ويندي ٿرڪول پاور پراجيڪٽ تي ڪم هلي رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ سرڪار کي جيڪي ڪم ڪرڻا هئا اهي اسان ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ حقدار جيڪب آباد واسي آهن جن کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندس. هن جيڪب آباد لاءِ هڪ ارب رپين جي امداد، ووڪيشنل ڪاليج ۽ هڪ سئو بجلي جا ٽرانسفامر ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

ٻئي پاسي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان جي آئين کيس اهو حق ڏنو آهي ته سنڌ صوبي جي ماڻهن کي قدرتي گئس فراهم ڪري ۽ جيڪڏهن واڌو گئس آهي ته ٻين صوبن کي سندن حصي مطابق ڏني وڃي. نام نهاد سياستدان، پارليامينٽرين ۽ وزير اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته وڏو وزير ٻين صوبن کي گئس جي فراهمي بند نه ٿو ڪري سگهي، مان انهن کي صلاح ڏيندس ته اهي آئين جو مطالعو ڪن، جنهن ۾ کيس اهو اختيار ڏنو ويو آهي ته پهرين سنڌ جي ماڻهن کي گئس جون ضرورتون پوريون ڪرڻ بعد ٻين صوبن کي ڏني وڃي.

سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه پنهنجي والد مرحوم سيد عبدالله شاهه جي ڏهين ورسي جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ مان بجلي جي کوٽ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهيان، سنڌ سرڪار 100 ميگاواٽ وارو پاور پلانٽ لڳايو آهي ۽ نوري آباد کان ڪراچيءَ تائين ٽرانسميشن لائن به وڇائي وئي آهي پر سوئي سدرن گئس ڪمپني  ۽ ڪجهه وزير نٿا چاهن ته ملڪ مان اونداهيءَ جو خاتمو ٿئي ۽ انهن جي چوڻ تي گئس جي فراهميءَ ۾ رنڊڪون وجهي رهيا آهن پر هاڻي گهڻو ٿيو اسان سنڌ سرڪار سان اهڙيون حرڪتون وڌيڪ ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته نواز ليگ ڪڏهن به پارليمينٽ کي اهميت ناهي ڏني ڇاڪاڻ ته اهي ڊڪٽيٽرشپ تي يقين رکندا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته مان سنڌ جي ماڻهن کي يقين ڏياريان ٿو ته مان سندن حقن جو تحفظ ڪندس ۽ کين حق ڏيارڻ لاءِ وڙهندس. هن چيو ته اهو منهنجو مينڊيٽ ۽ آئيني ذميواري آھي.

هوڏانهن ڪالهه سنڌ ڪابينا جي خصوصي طور گهرايل اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته جيڪو وزير عوامي مسئلا حل نٿو ڪري سگهي اهو ڪابينا جو حصو به نه بڻجي ۽ صوبن جا حق ڦٻائيندڙ پنهنجو قبلو درست ڪن هاڻي تخت راءِ ونڊ جي بادشاهت نه هلڻ ڏني ويندي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اقتدار جو مقصد بادشاهت نه بلڪ عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ ملڪ جي عوام کي ان جا جائز حقن جي فراهمي سرڪار جي اولين ذميواري آهي. هن چيو ته عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ سرڪار جي ذميواري آهي سندس چوڻ هو ته هاڻي سنڌ سرڪار جو جيڪو به وزير يا رڪن عوامي مسئلا حل نه ڪندو اهو ڪابينا جو حصو نه رهندو هن چونڊيل ميمبرن کي پنهنجن تڪن ۾ وڃڻ ۽ عوامي مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي، هن چيو ته صوبن کي آئيني حق ۽ خودمختياري اسان جي سرڪار ڏياري آهي ڇو جو اسان جو نظريو طاقت جو سرچشمو عوام آهي، ان لاءِ اختيارن کي عوامي نمائندن تائين منتقل ڪرڻ اسان جي اوليت رهي آهي.

آچر 16 اپريل 2017ع،  18 رجب المرجب 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئين بجيٽ ۽ ٽيڪسن جو سوال….

گذريل حڪومت ويندي ويندي جيڪا ٽن مهينن جي بجيٽ پيش ڪئي هُئي، ان بعد تحريڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے