20 جمعو , آڪٽوبر 2017

ڪينسر جي سڃاڻپ ڪندڙ ”چيوگم“ ايجاد

1الاباما (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي هڪ بايوٽيڪنالاجي ڪمپني ڪينسر جي سڃاڻپ ڪرڻ ۽ وڌيڪ خرچن کان بچڻ لاءِ هڪ ”چيوگم“ ايجاد ڪيو آهي. الاباما جي بايوٽيڪنالاجي اسٽارٽ ڪمپني اهڙا مادا تيار ڪيا آهن جيڪي بلڪل ”چيوگم“ جهڙا آهن ۽ انهن جي مدد سان في الحال ڦڦڙ ۽ ڇاتي جي ڪينسر جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته هن ”سڃاڻپ ڪندڙ چيوگم“ کي 15 منٽن تائين چٻاڙي واپس وات مان ڪڍي تجربي واري هنڌ پهچايو ويندو آهي، جتي هن جي ڪيميائي جاچ ڪري ان ۾ اهڙن مادن جي موجودگي يا غير موجودگي جي خبر پوندي آهي، جيڪي (ڪينسر) جو سبب بڻجي سگهن ٿا. ڪمپني جي سربراهه موجب اڃا هن ”سڃاڻپ ڪندڙ چيوگم“ تي وڌيڪ ڪم ٿيڻ باقي آهي ۽ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ جيڪڏهن هن ”سڃاڻپ ڪندڙ چيوگم“ کي ايف ڊي اي پاران منظوري ملي وئي ته اُهي ڏينهن پري ناهن ته ڪينسر جي سڃاڻپ ڪرڻ لاءِ پيشاب وغيره جون ٽيسٽون ڪرائڻ جي ضرورت نه رهندي، جڏهن ته اُهي ٽيسٽون مهانگيون به آهن ۽ سڃاڻپ ڪرڻ ۾ به گهڻو وقت پڻ لڳي ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏن زخمن کي 60 سيڪنڊ ۾ ڀرڻ واري قدرتي کنئور

بوسٽن(ويب ڊيسڪ) حادثن ۽ فائرنگ جي واقعن ۾ زخمن کي فوري طور بند ڪري رت …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي