23 اربع , آگسٽ 2017

لڪي رهيو آهيان نه ئي گهر تبديل ڪيو آهي، پي سي بي سان تعاون لاءِ تيار آهيان: ناصر جمشيد

02لنڊن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل جو مرڪزي ڪردار ناصر جمشيد منظر عام تي اچي ويو، ٽيسٽ ڪرڪيٽر پي سي بي جي تمام دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته هو نه لڪي رهيو آهي ۽ نه ئي گهر تبديل ڪيو آهي، پي سي بي سان هر طرح جو تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. تفصيل مطابق ناصر جمشيد نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته هن خلاف ميڊيا ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو سڀ ڪوڙ آهي، ان سان منهنجو ڪوبه تعلق ناهي ۽ مان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان تعاون لاءِ تيار آهيان، سندس چوڻ هو پي سي بي جتي چوندو هو ايندو، پي سي بي ايف آءِ اي کي انڪوائري کان روڪيندي پاڻ چيو هو ته پهريان پي سي بي جي انڪوائري مڪمل ٿيڻ ڏني وڃي، منهنجو به اهو ئي موقف آهي ته مان نيشنل ڪرائم ايجنسي سان تحقيق ۾ تعاون ڪري رهيو آهيان، پهريان نيشنل ڪرائم ايجنسي جي انڪوائري مڪمل ٿيڻ ڏني وڃي، ان کانپوءِ پي سي بي جتي چوندو هو حاضر ٿيندو. واضح رهي ته پي سي بي طرفان موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ناصر جمشيد انڪوائري کان بچڻ لاءِ هر هر گهر تبديل ڪري رهيو آهي پر هاڻي ناصر جمشيد پي سي بي جي تمام دعوائن جا پول پڌرا ڪندي پنهنجو موقف پاڪستانين تائين پهچائي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڳوڻو ڏکڻ آفريڪي ڪپتان گريم سمٿ بينوني زلمي جو هيڊ ڪوچ مقرر

جوهانسبرگ (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ٽيم پشاور زلمي جي مالڪ جاويد آفريدي چيو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي