29 خميس , جون 2017

خالد لطيف جي پي سي بي ٽربيونل خلاف درخواست رد

01لاهور(اسپورٽس نيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ اسپاٽ فڪسنگ جي الزام ۾ معطل ڪرڪيٽر خالد لطيف طرفان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اينٽي ڪرپشن يونٽ جي دائري کي چيلينج ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. تفصيل مطابق معطل ڪرڪيٽر خالد لطيف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ ان پي سي بي جي اينٽي ڪرپشن يونش جي اختيار جي دائري کي چيلينج ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته پي سي بي جو اينٽي ڪرپشن يونٽ ۽ ٽربيونل رانديگرن خلاف قانوني ڪارروائي جو حق نٿو رکي ڇو جو اهو پي سي بي جي آئين جي خلاف ورزي آهي. خالد لطيف پنهنجي طرخواست ۾ وڌيڪ چيو هو ته پي سي بي جو اينٽي ڪرپشن يونٽ مونسان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي ان ڪري ان کي تحقيق کان فوري طور روڪيو وڃي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ خالد لطيف جي درخواست رد ڪندي پي سي بي کي ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سريلنڪن فاسٽ بالر ملنگا هڪ سال لاءِ معطل

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ ڪنٽريڪٽ جي خلاف ورزي تي فاسٽ بالر لسيٿ ملنگا کي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي