24 ہفتہ , فروری 2018

سام سنگ ڊيوئل اسڪرين سمارٽ فون آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

05سئيول(ويب ڊيسڪ) اليڪٽرانڪ ۽ موبائل فونز جي دنيا ۾ مشهور ڪورين ڪمپني سام سنگ ويجهڙ ئي پنهنجي سڀ کان بهترين سمارٽ فونز گليڪسي S8 ۽ S8 پلس متعارف ڪرايا آهن پر هن ڀيري سام سنگ هڪ اهڙي سمارٽ فون متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي جو هن وقت تائين پنهنجي اهميت جي اعتبار سان ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ ڌُم مچائي ڇڏيندي. سام سنگ پهريون ڀيرو ڊوئل اسڪرين واري سمارٽ فون کي تيار ڪري رهي آهي جيڪا هلندڙ سال متعارف ڪرائي ويندي. ڪورين ميڊيا جي رپورٽ مطابق سام سنگ طررفان ڊوئل اسڪرين واري سمارٽ فونز جي پروٽو ٽائپ کي تيار ڪيو پيو وڃي. حقيقت ۾ ڪمپني ان ڊيوائس جي پروڊڪشن به شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ هلندڙ سال جي پهرين ڇهه ماهي دوران ٻه کان ٽي هزار يونٽ تيار ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي. اهو ته واضح ناهي ته اها فون عام صارفين لاءِ دستياب هوندي يا نه پر اهو چيو پيو وڃي ته ان ذريعي سام سنگ فولڊ ايبل ڊيوائس جي آزمائش ڪندي. ان ڊوئل اسڪرين فون جون ٻئي اسڪرينز 5 انچن جي او ايل اي ڊي ڊسپلي تي مشتمل هونديون جيڪي پاڻ ۾ ڳنڍيل هونديون. اهڙي ڊيزائن ان کان پهريان جپاني ڪمپني اين اي سي جي ميڊياز ڊبليو اين زيرو فائيو اي نالي فون ۾ به نظر آيو هو. سام سنگ گهڻي عرصي کان فولڊ ايبل ڊسپلي واري فون جي تياري جي منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي پر هن وقت تائين اهو پروڊڪشن لاءِ تيار ناهي ٿي سگهي ۽ صرف پروٽو ٽائپ ڊيوائسز ئي سامهون اچي سگهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خراب پاڻي کي هڪ ئي مرحلي ۾ صاف ڪرڻ وارو فلٽر تيار

ملبون(ويب ڊيسڪ)آسٽريليا جي ماهرن گرافين جي هڪ نئي شڪل جي  گراف ايئر کي استعمال ڪندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے