11 پیر , دسمبر 2017

ايران ۾ صدارتي اميدوارن جو انگ 500 کان وڌي ويو

Ahmedi nijadتهران (ويب ڊيسڪ): ايران جي ٻارهين صدارتي چونڊن لاءِ اميدوارن جو انگ 500 کان وڌي ويو آهي، اها ڳالهه تهران ۾ مرڪزي اليڪشن آفيس جي سيڪريٽري علي پور علي صحافين کي ٻڌائي، هن چيو ته هيل تائين 501 اميدوارن پنهنجا ڪاغذ نامزدگي جمع ڪرايا آهن، جن ۾ 24 عورتون به اميدوارن جي فهرست ۾ شامل آهن، جڏهن ته وڌيڪ اميدوار 15 اپريل تائين پنهنجي نالن جي داخلا ڪرائي سگهن ٿا، ايران ۾ ٻارهين صدارتي ۽ پنجين لوڪل باڊيز چونڊن لاءِ 19 مئي تي ووٽ وڌا ويندا ۽ ان ئي ڏينهن چار چار پارلياماني تڪن ۾ ضمني چونڊون به ڪرايون وينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جاپان ۾ عمارت کي باهه، 5 ڄڻا فوت ٿي ويا

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان جي صوبي اوساڪا ۾ هڪ عمارت ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے