27 خميس , اپريل 2017

بيدو وارن ۽ چهري لاءِ گهڻو فائديمند

04ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بيدي سان چهري جون جهريون هٽائي سگهجن ٿا، ان لاءِ هڪ بيدي کي سٺي طرح مڪس ڪري پوءِ ان کي ماسڪ وانگر چهري ۽ ڳچيءَ تي لڳايو ۽ 20 منٽن تائين لڳل رهڻ ڏيو پوءِ پاڻي سان چڱي طرح ڌوئي ڇڏيو، بيدو نه صرف اوهان جي چهري جي جهرين کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي پر چهري جي غذائي ضرورتن کي به پورو ڪندو آهي ٿڪاوٽ دور ڪرڻ لاءِ به هي فائديمند آهي. بيدي جي سفيدي غير معمولي فائدا ڏيندڙ ڪلينزر مڃي ويندي آهي. بيدو وارن کي شيمپو ڪرڻ لاءِ هي هڪ بهترين حل به مڃيو ويندو آهي. بيدو وارن کي شيمپو ڪرڻ لاءِ بهترين ڪنڊيشنر  پڻ آهي،  گهڻن نرم ملائم وارن لاءِ هڪ بيدو ۽ 2 چمچا تيل شامل ڪيو ۽ وهنجڻ کان اڌ ڪلاڪ پهريان وارن کي لڳايو، اهو وارن لاءِ انتهائي فائديمند ڪنڊيشنر ثابت ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

white hairs men worride

وار ڪارا ڪرڻ جا گهريلو ٽوٽڪا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ )خوبصورت وار صحت جي نشاني هوندا آهن ۽ جيڪڏهن وار اڇا ٿي وڃن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي