28 اربع , جون 2017

پوڙهن کي جوان ڪرڻ جو طريقو

03ڪيلي فورنيا(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صحت جي ماهرن پيرسن کي جوان ڪرڻ جو نئون طريقو ايجاد ڪري ورتو، چون ٿا وڏي عمر وارن جي رڳن ۾ جوان رت منتقل ڪري انهن کي ٻيهر جوان بڻائي سگهجي ٿو. ڪيلي فورنيا ۾ طبي ماهرن طرفان ڪيل مطالعي مان معلوم ٿيو آهي ته جيڪڏهن پوڙهائپ يا اڌڙوٽ عمر دوران جسم ۾ جوان خون داخل ڪيو ويندو ته ڪنهن دوا کان بغير ئي صحت بهتر ٿي ويندي آهي ۽ عمر جي ان حصي ۾ به جواني جون علامتون واپس اچڻ لڳنديون آهن، پر ان لاءِ سمورو پراڻو رت نيڪال ڪري ان جي جڳهه تي رڳن ۾ جوان رت داخل ڪرڻو پوندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مڇي کائو ۽ سنڌن جي سور کان محفوظ رهو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ): صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هفتي ۾ 2 ڀيرا مڇي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي