18 جمعو , آگسٽ 2017

بوٽن ۾ لکين خطرناڪ جراثيمن جي موجودگي جو انڪشاف

Shoeshهيوسٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته بوٽن جي تري ۾ 4 لک کان وڌيڪ قسمن جا جراثيم موجود هوندا آهن جيڪي هيضي جي بيماري جو سبب بڻجي سگهن ٿا. هيوسٽن جي يونيورسٽي ٽيڪاس جي ماهرن چيو آهي ته عام استعمال ۾ ايندڙ بوٽ جراثيم جو گهر بڻجي ويندا آهن ۽ انهن جو وڏو تعداد” ڪوليفارم“ سان تعلق رکڻ وارن جراثيم جو موجود هوندو آهي جيڪي معدي جي مختلف تڪليفن سان گڏ هيضي جي بيماري جو سبب بڻجي سگهن ٿا.  جيڪڏهن بوٽن جي صفائي سٿرائي جو خيال نه رکيو وڃي تو ڪجهه مهينن کان پوءِ جراثيمن جو انگ وڌي ويندو آهي ۽ پوءِ بوٽ پائڻ واري ماڻهو سان گڏ ٻين گهر ڀاتين لاءِ بيمارين جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪي پي ڪي ۾ ڊينگي 600 ڄڻن کي اسپتال ڀيڙو ڪري ڇڏيو

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي راڄڌاني ۾ ڊينگي کان متاثر مريضن جو انگ 600 کان وڌي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي