20 جمعو , آڪٽوبر 2017

پاڻي ۽ شربتن کي محفوظ رکڻ کان سواءِ کائڻ واري بوتل تيار

Murad-Ali-shah-150x150لنڊن(ويب ڊيسڪ)ڪاليج آف آرٽ ۽ امپيريل ڪاليج لنڊن جي ماهرن پاڻي ۽ شربتن کي محفوظ رکڻ لاءِ هڪ اهڙي شفاف بوتل تيار ڪئي آهي جنهن ۾ رکيل پاڻي پيئڻ کان پوءِ ان بوتل کي کائي به سگهجي ٿو. هن کي ڪيلشيم ڪلورائيڊ ۽ ڀوري سمنڊر ”برائون الجي ۽ سوڊيم الجي نيٽ“ کي ملائي تيار ڪيو ويو آهي. هي پاڻي يا شربت سان ڀريل ۽ لچڪ دار بوتل ڪنهن غباري جيان آهي،  ماهرن چيو آهي ته جڏهن ته توهان  کي هن بوتل جو ذائقو پسند نه اچي ته هن کي بي خوف ٿي ڪچري ۾ اڇلي سگهو ٿا. ماهرين کي اميد آهي ته ايندڙ سالن ۾ ماحول دوست پلاسٽڪ کي طور پر ان جي ايجاد اهم ڪردار ادا ڪري سهگندي ڇو ته پنهنجي تياري سان وٺي استعمال تائين هر مرحلي ۾ محفوظ ۽ ماحول لاءِ به ضروي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مائيڪرو سافٽ سڀ کان طاقتور ليپ ٽاپ متعارف ڪرائي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي ڪمپني مائيڪرو سافٽ هيل تائين پنهنجو سڀ کان طاقتور …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي