18 سومر , جون 2018

گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويجهن ساٿين جي گمشدگي جي باري ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي پاران مختلف سطحن ۽ فورمن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي، سينيٽ آف پاڪستان ۽ پيپلزپارٽي شامل آهن.  انهن گم ٿيلن ۾ اشفاق لغاري ۽ غلام قادري جا نالا خاص طور ورتا پيا وڃن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ انهن جي گمشدگي جي باري ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪئي وئي آهي.

ڪالهه سنڌ اسيمبلي ايوان ۾ خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پوليس گمشدگين جي جاچ ڪري رهي آهي، اسيمبلي ميمبرن جا خدشا جائز آهن، اها ذميداري حڪومت جي آهي، ٻين ايجنسين کي به چوندس ته اسان جي مدد ڪن، هن چيو ته اهو ڀنگ عيوض اغوا جو واقعو لڳي نٿو، ڪو ٻيو معاملو ٿو لڳي، وفاقي حڪومت کي چوان ٿو ته ڪنهن اداري کنيو آهي ته 24ڪلاڪن ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، سيد مراد علي شاهه چيو ته غلام قادر مري 4 اپريل تي نئين ديري ۾ مون سان مليو هيو، غلام قادر مري کي 2 گاڏين ۾ ايندڙ ماڻهن اغوا ڪيو، اغوا ڪندڙن جي هٿن ۾ واڪي ٽاڪي به هيا، گاڏي مان غلام قادر مري جون دوائون به گڏ کڻي ويا آهن، جيڪڏهن ڪنهن به اداري وٽ غلام قادر آهي ته آئين تحت پيش ڪن، هن چيو ته غلام قادر جا مائٽ عدالت سان رابطو ڪري رهيا آهن، فاروق ستار دهشتگردي جي ڪيس ۾ نامزد آهي، فاروق ستار ضمانت نٿو ڪرائي، سياسي پارٽي جو اڳواڻ هئڻ سبب فاروق ستار کي وقت ڏئي رهيا آهيون، پوليس کي چوان ٿو ته اشفاق لغاري ۽ غلام قادر مري کي بازياب ڪرايو، جيڪڏهن ڪو ڪنهن اداري وٽ آهي ۽ ڏوهه ڪيو اٿئين ته سامهون آندو وڃي، هن چيو ته ڊاڪٽر عاصم جهڙي ماڻهو کي قيد ۾ رکيو ويو، ڊاڪٽر عاصم تي دهشتگردي جا ڪيس ٺاهيا ويا.

سنڌ سرڪار پاران گمشدگين جي واقعن تي خاص ڌيان ڏيڻ انهن جي فرضن ۾ به شامل آهي، انهن گم ٿيل ماڻهن جي باري ۾ ڳالهه جي وضاحت به وقت جي وفاقي ۽ صوبائي سرڪار کي ڪرڻي آهي. ان سلسلي ۾ وفاقي ادارن جي مٿان لازم ٿئي ٿو ته اهي انهن گمشدگين جيڪي اڳوڻي صدر جي ويجهن دوستن جي باري ۾ آهن، کي سلامتي سان بازياب ڪيو وڃي.

خميس 13 اپريل 2017ع، 15 رجب المرجب 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ يقيني ٿيڻ گهرجي

ميڊيائي اطلاع آهن ته ملڪ جي درياهن ۽ ڊيمن جي وهڪرن ۾ بهتريءَ باوجود سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے