20 جمعو , آڪٽوبر 2017

مردن جا اڇا وار دل جي بيمارين جي وارننگ آهي: ماهر

04ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن اوهان جا وار اڇا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن ته ان جو مطلب آهي ته اوهان کي دل جون بيماريون لڳڻ جا خطرا وڌي ويا آهن، سائنسدانن مردن کي وارننگ جاري ڪري ڇڏي. وار اڇا ٿيڻ لڳن ته عمر گذرڻ جو احساس ٿيڻ لڳندو آهي، ان تي سائنسدانن اهو چئي مردن کي وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو آهي ته انهن جا اڇا ٿيندڙ وار دل جي بيماري جي وڌندڙ خطرن جي نشادهي به ڪندا آهن. يونيورسٽي آف قاهره جي تحقيق ۾ 545 مردن ۾ اڇا وار ۽ دل جي بيماري جي خطري وچ ۾ تعلق جو مطالعو ڪيو ويو. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جيتري اڇو رنگ وڌيڪ هو اوترو ئي دل جي بيماري جو خطرو به وڌيڪ هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏن زخمن کي 60 سيڪنڊ ۾ ڀرڻ واري قدرتي کنئور

بوسٽن(ويب ڊيسڪ) حادثن ۽ فائرنگ جي واقعن ۾ زخمن کي فوري طور بند ڪري رت …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي