11 پیر , دسمبر 2017

چهري جا داغ ڌٻا صاف ڪرڻ جا گهريلو ٽوٽڪا

0ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چهري جا داغ ڌٻا ختم ڪرڻ لاءِ گلاب جي عرق ۾ ليمون ۽ ماکي کي ملائي استعمال ڪيو ان سان چهرو صاف ٿي ويندو. بيسڻ ۾ ليمي جي رس ۽ دهي ملائي چهري تي لڳايو ڪجهه عرصي ۾ اوهان جي چهري جا داغ صاف ٿي ويندا ۽ بازار مان ملندڙ غير معياري ڪريمن جي به ضرورت نه پوندي. موري جا پتا پيسي چهري تي ٿيل داغن تي مليو چهرو تازو تر ٿي ويندو ۽ داغ به گهٽجڻ شروع ٿي ويندا، جيڪڏهن چهري جي سنڀال نه ڪئي ويندي ته چهري مٿان مَرُ ڄمي ويندي آهي جنهن سان جُلد مرده ٿي ڪري پنهنجي رونق وڃائي ويهندي آهي ۽ چهرو خراب ٿي ويندو آهي ۽ چهري تي داغ ڌٻا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن جنهن سان چهرو بدنما لڳندو آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته صفائي جو خاص خيال رکو اهڙي طرح روزانه اهڙيون شيون استعمال ڪرڻ سان چهري کي صاف شفاف ۽ داغ ڌٻن جو خاتمو به ڪري سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڏندن کي اڇو ۽ چمڪدار بڻائڻ جو گهريلو نسخو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چوندا آهن ته انسان جي پهرين منهن تي پوندي آهي ۽ منهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے