29 خميس , جون 2017

عوامي آواز | پروگرام : سنڌ منظر | مهمان : ڊاڪٽر سيد جعفر احمد | ميزبان : مقتدا منصور

جمهوريت کي نقصان سياسي پارٽين به ڏنو آهي: ڊاڪٽر جعفر احمد

ملڪ جي پٺتي وڃڻ جو سبب تعليمي نظام جي خرابي آهي

يونيورسٽين جو انگ وڌايو ويو پر ادارا سٺي فيڪلٽي کان محروم آهن: سنڌ منظر ۾ ڳالهيون

ڪراچي(رپورٽر) مسئلا دنيا جي هر ملڪ ۾ هوندا آهن پر مسئلي جو حل به انهيءَ مسئلي ۾ لڪل هوندو آهي. سٺو ملڪ اهو آهي جنهن ۾ رياست ۽ معاشرو گڏجي مسئلو حل ڪن. اهڙو اظهار ڊاڪٽر سيد جعفر احمد عوامي آواز ٽي وي پروگرام سنڌ منظر ۾ ميزبان مقتدا منصور سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هن ملڪ تي ٽيٽيهه سال فوجي حڪومتون قائم رهيون پر جڏهن سويلين حڪومتن کي موقعو مليو ته انهن به ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاريو. ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ساڍن پنجن سالن واري دور ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن وٽ ارادو به هئو ۽ صلاحيت به. اسان وٽ جمهوريت کي نقصان سياسي جماعتن به پهچايو آهي. ڪا به سياسي جماعت پارٽي آئين تي عمل نٿي ڪري پارٽين ۾ اندر اليڪشن ناهي ٿيندي.ملڪ جي ٽنهي سياسي جماعتن ۾ ڪو فرق ڪونهي. ملڪ جي پٺتي رهجي وڃڻ جو هڪ وڏو سبب تعليم جي کوٽ ۽ تعليمي نظام جي خرابي آهي. هندستان سان مقابلي جي چڪر ۾ يونيورسٽين جو تعداد وڌايو پيو وڃي. 20 يونيورسٽين مان 170 تائين انگ پهتو آهي، يونيورسٽيون سٺي فيڪلٽي سهولتن کان محروم آهن. ملڪ ۾ ڏهه هزار رپيا الائونس وٺڻ لاءِ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي پئي وڃي، جنهن جو معيار انٽر ۽ ايم اي جي ٿيسز کان به گهٽ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: نيوز بليٽن ستون

*دشمن دهشتگردي ذريعي کين ورهائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن: آرمي چيف *جي آءِ ٽي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي