29 خميس , جون 2017

پاڪستان وڌيڪ ظلم ڪيا ته سنڌ کي ان کان الڳ ڪيو ويندو: ڀارتي جنتا پارٽي جو ميمبر

Bhartiya Ajanta Partuنئين دهلي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي جنتا پارٽي جي ميمبر سبرامينين سوامي چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ڪلڀوشن کي موت جي سزا ٿو ڏئي ته ڀارت کي به گهرجي ته هو بلوچستان کي هڪ ملڪ تسليم ڪري. رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ هن چيو آهي جيڪڏهن پاڪستان ائين ڪندو ته ڀارت کي ڪرڻ گهرجي ته بلوچستان کي هڪ آزاد ملڪ تسيلم ڪري. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪلڀوشن کان پوءِ پاڪستان وڌيڪ ظلم ڪندو رهندو ته ان جي صوبي سنڌ کي ان کان الڳ ڪيو ويندو.  ڀارتي حڪومت کي ڪرڻ گهرجي ته ڪلڀوشن جي موت جي سزا ڏيڻ جي صورت ۾ پاڪستان کي سنگين  نتيجن کان آگاهه ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان وزيراعظم جي ٻارن سان مقابلو ڪرڻ کان ڊنل آهي: طلال چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته عمران خان وزير …

هڪ تبصرو

  1. عوامي آواز ٽي وي جي دوستن کي سلام پيش ڪيون ٿا عوامي آواز ٽي وي مظلوم عوام جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچائڻ ۾ بهرپور ڪردار ادا ڪيو آهي
    سلام عوامي آواز ٽي وي

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي