24 سومر , سيپٽمبر 2018

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اي ڊي خواجا کي نه هٽائڻ وارو حڪم برقرار، ڪم جاري رکڻ جو حڪم

Ad Khuwajaڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ( الله ڏنو خواجا) کي نه هٽائڻ وارو حڪم برقرار رکندي الله ڏني خواجا کي ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ کي نه هٽائڻ واري حڪم ۾ 13 اپريل تائين جي واڌ ڪندي آءِ جي سنڌ کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت ايڊوڪيٽ جنرل کان سوال ڪيو ته آءِ جي جي مقرر جو طريقيڪار ڇا آهي، عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان آءِ جي مقرري بابت وڌيڪ تفصيل طلب ڪندي وفاق ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ ان معاملي بابت ايندڙ ٻڌڻي تي قانون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 13 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے