22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڀارتي جاسوس کي موت جي سزا ڏيڻ واري فيصلي کي ڀليڪار چئون ٿا: رحمان ملڪ

Rehman Malikاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ رحمان ملڪ چيو آهي ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي موت جي سزا ڏيڻ واري فيصلي کي ڀليڪار چئون ٿا. ڪلڀوشن ياديو پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازشن ۾ ملوث آهي. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي رحمان ملڪ چيو ته ڪلڀوشن کي موت جي سزا ملڪ ۽ قوم جي بهترين مفاد ۾ آهي، ملڪ خلاف سازش ڪندڙ را جا ايجنٽ رحم جا حقدار ناهن، ڪلڀوشن ياديو کي سزا ڏيڻ واري فيصلي کي ڀليڪار چئون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ڪلڀوشن ياديو کي موت جي سزا سان دشمن عنصرن کي سخت پيغام ملندو. جاسوسي ڪندڙ جي سزا موت آهي، مودي پاڪستان کي ٽوڙڻ جو اعتراف ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے