21 جمعو , سيپٽمبر 2018

قبضا مافيا کي اهڙي سزا ملندي جو اڳتي ايئن ڪرڻ جي لاءِ ڪير سوچي به نه سگھي: ڄام مهتاب ڏهر

Jaam Mehtab Daharڪراچي (ويب ڊيسڪ) تعليم واري صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو آهي ته پوليس کي جيڪو ڪردار ادا ڪرڻو هو اهو نه ڪيو ويو، تاريخي اسڪول جي هڪ ڪمري کي نقصان پهتو آهي، بلڊر مافيا پاران سولجر بازار ڪراچيءَ ۾ واقع اسڪول جي تاريخي عمارت ڊاهڻ واري معاملي بعد تعليم وارو صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر ڊاٿل اسڪول پهتو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته اسڪول ڊاهيندڙ مافيا کي سزا ڏيڻ جي ضرورت آهي، سنڌ جي وڏي وزير اسڪول معاملي جي رپورٽ گھري ورتي آهي، ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، اسڪولي عمارت کي ڪيرائڻ سڀ کان وڏو ڏوهه آهي، جيڪي به عنصر ملوث هوندا انهن کي عبرتناڪ سزائو ڏيارينداسين، حڪومت جي پراپرٽي جو تحفظ پوليس جي ذميواري آهي، هن سڄي عمل ۾ پوليس جو ڪردار ناڪاري رهيو آهي، پوليس به اسڪول جي معاملي تي خاموش تماشائي بڻيل رهي، هن چيو ته پوليس جو سرڪاري پراپرٽيءَ جي تحفظ ۾ خاموش ڪردار سواليه نشان آهي، قبضه مافيا خلاف اهڙي ڪارروائي ڪنداسين جو اڳتي ڪو ايئن ڪرڻ جي لاءِ سوچي به نه سگھي، سول سوسائٽي، ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۽ ميڊيا جي ڪري اسڪول کي بچائڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے