21 جمعو , سيپٽمبر 2018

عوام جمهوريت جو چهرو چچرڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو: وزيراعظم نواز شريف

PM Nawazاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته جمهوريت، پارليماني ۽ وفاقي ڍانچي جو چهرو چچرڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، وزيراعظم نواز شريف ”آئين“ جي ڏهاڙي تي قوم کي واڌايون ڏيندي چيو ته يوم دستور ملهائڻ جي روايت ايندڙ نسلن ۾ جمهوريت جي اهميت اجاگر ڪندي، هو سينيٽ جي ماڻهن جي حقن جي ڪوششن تي واڌايون ڏئي ٿو، هن چيو ته گڏيل آئين جي جوڙجڪ ۾ حصو وٺندڙ سڀ ماڻهن جي ڪوششن جو اعتراف ڪيون ٿا ۽ جمهوريت ۽ قانون جي حڪمرانيءَ جي لاءِ قربانيون ڏيندڙن کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا، وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان جو آئين سڀني شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪري ٿو، آئين ۾ شهرين جي بنيادي حق جو تحفظ ئي مضبوط وفاق جو بنياد آهي، هڪ قوم طور قانون جي بالادستي ئي اسان سڀني جي ترجيح هجڻ گھرجي، عوام جمهوريت، پارلياماني ۽ وفاق ڍانچي جو چهرو چچرڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے