23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڪراچيءَ جي سولجر بازار ۾ قبضا مافيا قديمي اسڪول ڊاهي ڇڏيو، وڏي وزير پاران ڪاوڙ جو اظهار

Schoolڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ ۾ علم جي دشمنن وار ڪري سولجر بازار ۾ قديم تاريخي اسڪول جي عمارت ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي، واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگھيو، شاگردياڻين مٽيءَ جي ڍير تي ويهي تعليم پرائڻ جي لاءِ مجبور آهن، سولجر بازار ۾ قديم تاريخي اسڪول کي قبضا مافيا ڊاهي علم تي وار ڪيو آهي، شاگردياڻيون معمول موجب اسڪول پهتيون، اسيمبلي به ٿي، ٻارڙين قومي ترانو به پڙهيو، قومي تراني کان پوءِ شاگردياڻين مٽيءَ جي ڍير تي ويهي دعا به گھري، اسڪول انتظاميا متاثر ٻن ڪلاسن جي شاگردياڻين کي ٻين ڪلاسن ۾ ويهاريو، قديم تاريخي اسڪول جوفل هرسٽ ڊاهيندڙ لينڊ مافيا خلاف اڃا تئاين ڪيس داخل ناهي ٿي سگھيو، سنڌ جي وڏي وزير به قومي ورثو قرار ڏنل عمارت کي نقصان پهچائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائيءَ جو حڪم ڏنو آهي، 1928ع ۾ ٺهندڙ ان اسڪول ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم پرائي رهيون آهن، ان قديم اسڪول مان ڪيتريون ئي نالي وارين شخصيتن تعليم پرائي آهي.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے