28 اربع , جون 2017

دهشتگردن جو مقابلو ڪري ملڪ کي امن جو گهر بڻائينداسين: آءِ جي سنڌ

ad khawajaڪراچي(ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته سنڌ پوليس جو سڀ کان وڏو چيلينج دهشتگردي آهي پر همت ۽ بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪندي پاڪستان کي امن جو گهر بڻائينداسين. ڪراچي جي علائقي بلديا ۾ سعيد آباد ٽريننگ سينٽر ۾ 92هين پاسنگ آئوٽ پريڊ جي موقعي تي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪار شهرين جا محافظ ۽ خادم آهن، اسان کي چڱائي کي وڌائڻو ۽ بدي کي روڪڻو آهي، اسان جو ڪم مظلومن جي داد رسي ڪرڻ سان گڏوگڏ ڏوهارين کي ڪٺهڙي ۾ آڻڻ آهي. آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته سنڌ پوليس سڀ کان وڏو چيلينج دهشتگردي آهي پر جيئن پهرين به سنڌ پوليس جا جوان دهشتگردن خلاف پهرين قطارن ۾ وڙهندي نظر آيا ائين ئي اڳتي به هو دهشتگردي جو مقابلو ڪندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان سڀ متحد، مسلمان ۽ پاڪستاني آهيون: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته اسان سڀ متحد، …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي