26 جمعو , مئي 2017

23 پارٽين جو جلد اتحاد ٺهندو، ان ۾ شامل ٿينداسين: پرويز مشرف

Musharafپشاور (ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته لاهور ۾ 23 پارٽين تي هڪ الائنس ٺهي رهيو آهي، ورڪرز ڪنويشن کي وڊيو لنڪ ذريعي خطا ڪندي جنرل پرويز مشرف چيو ته ملڪ ۾ 23 پارٽين تي ٻڌل وڏي جماعت جي ضرورت آهي، ننڍا ننڍا سياسي گروپن کي ختم ڪري جلد ئي ان وڏي الائنس جو حصو بڻجندس، سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جو فيصلو تمام جلد ڪندي، پاناما ڪيس جو فيصلو تاريخي هوندو ۽ ان سان ملڪ جو مستقبل واڳيل آهي، آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه دعويٰ ڪئي ته ملڪ کي لٽيندڙ واپس اچي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ ويٺل چور ٻاهر کان ايندڙ چورن جو استقبال ڪري رهيا آهن، هن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ ايندڙ چونڊون فوج جي نگراني ۾ غيرجانبداراڻيون هجڻ گھرجن.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

nab court

پوليس ۾ غير قانوني ڀرتيون، سپريم ڪورٽ جي رپورٽ منظر عام تي آڻڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ سنڌ پوليس خلاف ڪرپشن ڪرڻ جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي