21 سومر , آگسٽ 2017

ڪوئيٽا ۾ به پاڻيءَ جي کوٽ، ڪؤنرا کڻي احتجاج

Quettaڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) هاڻي پاڻيءَ جي کوت رڳو ڪراچيءَ جو مسئلو ناهي رهيو، ڪوئيٽا ۾ به پاڻيءَ جو بحران ٿي ويو آهي، سرڪي ڪلان جي علائقي ۾ ماڻهن پاڻيءَ نه ملڻ خلاف ڪؤنرا هٿن ۾ کڻي نرالو احتجاج ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين سخت گرميءَ جي موسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ پاڻيءَ جي فوري فراهميءَ جو مطالبو ڪيو، مظاهرين جو چوڻ هو ته سخت گرميءَ جي موسم ۾ پيئڻ جو پاڻي به ناهي جنهن جي ڪري روز مرهه جي زندگيءَ جي معاملن ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن، حڪومت کي گھرجي ته ان مسئلي کي فوري طور حل ڪري.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊ سڌارن کانسواءِ چونڊون ٿيون ته گندگي موٽي ايندي: طاهرالقادري

لاهور (ويب ڊيسڪ): پاڪستان عوامي تحريڪ سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري چيو آهي ته چونڊ سڌارن کانسواءِ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي