17 اڱارو , آڪٽوبر 2017

جهيڙو اهو آهي ته طاقتور عوام هجي يا اسٽيبلشمينٽ؟ پيپلزپارٽي

Untitled-6 copyڪراچي / حيدرآباد (رپورٽر) پيپلزپارٽي سنڌ مان آصف زرداري جي ساٿين جي گرفتارين کي وفاق جي انتقامي ڪارروائي قرار ڏيندي بجلي جي لوڊشيدنگ خلاف ايندڙ هفتي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته چوڌري نثار پهرين ڌمڪيون ڏنيون هي گرفتارين ڌمڪين تي عمل آهي. پ پ ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي پيپلز پارٽي ٽندو الهيار جي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر غلام قادر مري ۽ اشفاق لغاريءَ جي گمشدگي جي الزام وفاقي حڪومت تي لڳائيندي ڪيس هجڻ جي صورت ۾ 24 ڪلاڪن اندر عدالت ۾ پيش ڪرڻ يا ظاهر ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌ سان زياديتيون بند نه ڪيون ويون ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. غلام قادر مري ۽ اشفاق لغاري جو ڏوهه اهو آهي ته هو پيپلز پارٽيءَ جا آهن ۽ ماضيءَ کان وٺي اڄ تائين آصف علي زرداريءَ سميت پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ مختلف طريقن سان پيپلز پارٽيءَ کي بدنام ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن نشانو آصف علي زرداري آهي ته پوءِ اسين بلاول ڀٽو سميت سڀئي آصف علي زرداريءَ جا ساٿي آهيون ته پوءِ پوري پيپلز پارٽيءَ کي گرفتار ڪيو وڃي.ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي ايندڙ هفتي کان سنڌ ۾ بجليءَ جي ڊگهي لوڊشيڊنگي ۽ گئس جي عدم فراهميءَ بابت وفاقي حڪومت خلاف سنڌ جي هر ضلعي ۾ احتجاج ڪري ڌرڻا هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. چيو ته  سنڌ ۾ 20، 20 ڪلاڪ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ۽ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ گئس فراهم نه پئي ڪئي وڃي جڏهن ته سنڌ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ گئس پيدا ڪري رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي سنڌ جي عوام ۽ سنڌ سان زيادتي برداشت نه ڪنداسين.. عوام سان گڏجي ڌرڻا هڻي احتجاج ڪنداسين ۽ وفاقي حڪومت کي ٻڌائينداسين ته اسين توهان کان نه ٿا ڊڄون.قاسم آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري مولا بخش چانڊيو چيو ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار طرفان ڏنل ڌمڪين جا نتيجا هاڻي سامهون اچي رهيا آهن، سنڌ مان ماڻهو کنڀي گم ڪيا پيا وڃن، ڪنهن جو ڏوهه آهي ته کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، اهڙن حرڪتن سان صوبن ۽ وفاق ۾ ٽڪراءَ پيدا ٿيندو.  حڪمرانن جي نااهليءَ سبب ملڪ ۾ حي جاني صورتحال پيدا ٿيل آهي، مٿان وري اهڙن ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جن جو تعلق پيپلزپارٽي سان آهي، پهرين ڪراچي ۾ هڪ پارٽي کي نشانو بڻايو ويو هو، هاڻي پيپلزپارٽي کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، پر پ پ مان گهربل نتيجا نه ٿيندا، ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي ۾ ڪا ڀڃ ڊاهه نه ٿيندي. هن چيو ته غلام قادر مري، نواب لغاري ۽ اشفاق لغاري کي کنڀي گم ڪرڻ خالص انتقامي ڪارروائي آهي، جيڪڏهن انهن تي ڪو ڪيس يا الزام آهي ته انهن کي ميدان تي آڻي ڪورٽن ۾ پيش ڪيو وڃي، اسان جي ماڻهن کي اغوا ڪري انهن جي وارثن کي ڳڻتيءَ ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي، پ پ سان تعلق هجڻ ۽ سنڌ ۾ رهڻ جي ڪري نشانو بڻائڻ واري پاليسي درست نه آهي، ڇا سنڌ ۾ رهڻ ڪو ڏوهه آهي.؟ مولابخش چانڊيو چيو ته سنڌ مان اڳ به ڪيترائي سياسي ڪارڪن کنڀي گم ڪيا ويا، جن مان ڪافي جا لاش هٿ آيا، سنڌ ۾ بلوچستان وارو طريقو نه هلندو،

ڀان سيد آباد( رپورٽ: آدم مينگل)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي اباڻي ڳوٺ واهڙ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي علائقي جي عوام سان ملاقات ڪري عوام جا مسئلا معلوم ڪيا ۽ فوري طور تي مسئلا حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه تڪ جي ماڻهن سان ڀاڪر پائي ملندو رهيو، جڏهن ته وڏي وزير بيروزگار نوجوانن کان نوڪرين بابت درخواستون پڻ وصول ڪيون. بعد ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه پنهنجي والد سيد عبدالله شاهه جي مزار تي پهتو، ۽ والد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري، ان کانپوءِ وڏو وزير قافلي جي صورت ۾ ڳوٺ مينهون خان ڀنڊ پهتو جتي فهيم ڀنڊ جي شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، سنڌ ۾ هڪ سال دوران ڪوبه اغوا جو واقعو پيش ناهي آيو، غلام قادر مري سميت آصف علي زرداري جي ٽن ويجهن ساٿين جي گمشدگي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، سنڌ پوليس کي معاملي جي جاچ جا حڪم جاري ڪيا آهن، هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ پ پ جيالن جي خلاف انتقامي ڪاروائيون ڪري رهي آهي، جيڪا زيادتي آهي، معاملي تي وزير اعظم ميان نواز شريف سان ڳالهائيندس، وڏي وزير چيو ته 14 اپريل تي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي ڏهين ورسي ڀرپور نموني سان ملهائي ويندي،بعد ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه ٻن ڏينهن جو تڪ جو دورو مڪمل ڪري هيلي ڪاپٽر ذريعي واپس ڪراچي لاءِ روانو ٿي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي جاگرافيائي حدن جي تحفظ ۽ پاڻي تي راتاهو هڻڻ بند ڪرايو وڃي: سڄاڻ ڌريون

حيدرآباد(رپورٽ: امتياز چانڊيو) سنڌ جي اديبن، دانشورن، قومپرست ۽ سماجي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي