23 ڇنڇر , جون 2018

پاناما ڪيس: زمين کائي وئي يا آسمان ڳهي ويو

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي يعني آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪ فوج کي به پاناما بابت ميرٽ تي فيصلي جو انتظار آهي. ڏٺو وڃي ته نه رڳو پاڪ فوج پر سڄي دنيا ۽ هن ملڪ جي سمورن ماڻهن ۽ ادارن کي پاڪستان جي تاريخ جي هن اهم ڪيس جي فيصلي جو انتظار آهي.

پاڪستان ۾ جيئن ته جهڙي نموني جمهوريت لوڏن ۾ رهي آهي، بلڪل اوئين ئي هتي جمهوريتن ۾ توڙي آمريتن ۾ عدالتن طرفان جيڪي فيصلا ايندا رهيا آهن، تن تي سوال اٿندا رهيا آهن. ڪن فيصلن کي نج سياسي ۽ ڌر وارو ڄاڻائي عوام جي ڪجهه طبقن طرفان رد ڪيو ويو آهي ته ڪي فيصلا اهڙا به پاڪستان جي سياسي ۽ عدالتي تاريخ جو حصو آهن، جن تحت غيرجمهوري طور تي جمهوري حڪومتن جو تختو اونڌو ڪري آمرن طرفان اقتدار تي قبضو ڪرڻ کي به نظريه ضرورت تحت جائز قرار ڏنو ويندو رهيو آهي.

پاناما ليڪس جو جڏهن معاملو اٿيو هو ته سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به ڀونچال مچي ويو هو. دنيا ۾ اهم مثال پاناما ليڪس ۾ نالو اچڻ کانپوءِ آئسبرگ جي وزيراعظم طرفان استعيفيٰ ڏيڻ هو. گڏوگڏ مختلف ملڪن جي وزيرن ۽ حڪمرانن خلاف جاچ به شروع ٿي ۽ انهن کان عهدا ۽ اقتدار ڇڏڻ جا مطالبا به ٿيا. اهڙو مطالبو پاڪستان اندر به خاص ڪري مخالف ڌر طرفان وزيراعظم نواز شريف کان ٿيو.

پاناما ڪيس ۾ دنيا جي انهن سياستدانن، صنعتڪارن، ڪاروبارين ۽ سگهارين شخصيتن جا نالا ظاهر ٿيا، جن پنهنجي ملڪ ۽ ان ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن کان، جن تي هو حڪمراني ڪن ٿا، لڪ ڇپ سان ولايت ۾ ڪمپنيون قائم ڪيون، ڪاروبار ڪيو ۽ انهن جا اثاثا ظاهر نه ڪيا. قانون موجب آف شور ڪمپني قائم ڪرڻ ڪو ڏوهه ناهي پر ان جو طريقيڪار اهو آهي ته اهڙي طريقي جي ڪمپني قائم ڪجي به ٿي ته ان جو مناسب ۽ قانوني طريقو اختيار ڪيو وڃي، نه ڪي ٽيڪس کان بچڻ لاءِ چوريءَ وڃي پرڏيهه ۾ وڃي ڪمپنيون قائم ڪجن، ڪاروبار ڪجي ۽ ملڪ جي عوام کي ان جي ڪا ڪل ئي نه هجي.

پاڪستان ۾ پاناما ليڪس ۾ جيتوڻيڪ ٻين ماڻهن جا نالا به آيا پر وزيراعظم ميان نواز شريف جيئن ته حڪمران آهي، تنهن ڪري سندس خاندان جو جڏهن نالو ان ڪيس ۾ آيو ته مخالف ڌر جي ڪجهه جماعتن عدالت سان رابطو ڪيو. هي ڪيس عدالت ۾ هليو، نواز شريف ۽ ان جي خاندان جي وڪيلن سندن دفاع ڪيو، جڏهن ته جن ڪيس داخل ڪيا، تن وري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته آف شور ڪمپنيون جيئن ته وزيراعظم جي پٽن ۽ ڌيءُ جي نالي تي آهن، تنهن ڪري وزيراعظم پنهنجو پاڻ کي پنهنجي اولاد کان الڳ نٿو ڪري سگهي، تنهن ڪري ان کي ذميواري قبول ڪندي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

پاناما ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هليو، جنهن جو فيصلو محفوظ آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته بس چند ڏينهن ۾ ئي اهو فيصلو اچي ويندو. پاناما ڪيس جو فيصلو اهڙي وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن عام چونڊن ۾ سال به مس وڃي بچيو آهي. ملڪ ۾ عام چونڊن جو ماحول آهستي آهستي جڙندو پيو وڃي ۽ سڀني سياسي جماعتن سندار به ساهيا آهن ۽ ميدان ۾ به لٿيون آهن ۽ جهڙي نموني هڪ ٻئي کي الزامن جو نشانو بڻايو پيو وڃي، تنهن مان ملڪ ۾ اليڪشني ماحول پيدا ٿيندي نظر اچي ٿو.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت پنهنجي سرگرمين جو مرڪز پنجاب کي بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته عمران خان گذريل چند سالن کان ميان نواز شريف کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو آهي. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته پاناما ڪيس جو فيصلو جيڪو به اچي ان جو بهرحال وزيراعظم ۽ سندس جماعت تي اثر پوڻو ئي آهي. سو نواز ليگ مخالف جماعتن پاناما ڪيس جي فيصلي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ هاڻي کان ئي ميدان ۾ لهڻ شروع ڪيو آهي.

پنجاب جيئن ته نواز ليگ جو ڳڙهه آهي ٻيو ته قومي اسيمبلي ۾ باقي ٽن صوبن جي ڀيٽ ۾ سيٽون به پنجاب ۾ وڌيڪ آهن، تنهن ڪري مخالف ڌر جي جماعتن جي ڪوشش آهي ته پاناما ڪيس جي فيصلي سان جيڪڏهن ميان نواز شريف ۽ سندس جماعت کي ڌڪ لڳي ٿو ۽ سندس ساک خراب ٿئي ته اهي عام چونڊن جي مهم ۾ ان کي پنجاب اندر ڀرپور نموني استعمال ڪن ۽ ايئن ڪري اهي جماعتون نواز ليگ جي ڳڙهه يعني پنجاب مان وڌ ۾ وڌ سيٽون حاصل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪنديون، ڇو جو اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته جنهن پنجاب کٽيو، سا جماعت مرڪز ۾ حڪومت ۾ ٺاهي سگهي ٿي.

سو جيستائين پاناما ڪيس جو فيصلو اچي تيستائين هر ڪو پنهنجا پنهنجا اندازا ۽ ڌُڪا لڳائي رهيو آهي، جيئن جيئن دير ٿئي پئي، تيئن تيئن ماڻهو هڪٻئي کان سوال پڇن پيا ته پاناما ڪيس آسمان کائي ويو يا زمين ڳهي وئي.

سومر 10  اپريل 2017ع، 12 رجب المرجب 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

عام چونڊون ۽ عام ماڻهوءَ جا درد

25 جولاءِ تي رٿيل عامُ چونڊن لاءِ ڏينهون ڏينهن ميدان مچندو پيو وڃي، ڪالهه اميدوارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے