25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪراچيءَ جي بلديه ۾ سرڪاري اسڪول جي ٽانڪيءَ مان هٿيار هٿ

Weponsڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ ۾ دهشتگردن پاران لڪايل هٿيار هٿ اچڻ جو سلسلو جاري آهي، بلديه سعيد آباد جي سرڪاري اسڪول جي ٽئنڪ ۽ سپر هاءِ وي جي خالي پلات مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، پوليس ۽ رينجرز موجب هٿيار ايم ڪيو ايم لنڊن جي دهشتگردن لڪايا هئا. بلديه تائون جي سعيد آباد جي سرڪاري اسڪول جي ٽئنڪ مان رينجرز هٿيار جو وڏو ذخيرو هٿ ڪري ورتو، جنهن ۾ 3 سئو سيون ايم ايم رائيفلون، 44 بور رائيفل، 3 ايس ايم جيز، ٻه رپيٽر ۽ ٻه ايم پي فائيو سميت هزارين رائونڊ شامل آهن، رينجرز ترجمان موجب هٿيار ايم ڪيو ايم لنڊن جي دهشتگردن لڪايا هئا، ٻئي طرف مشهور انڪائونٽر اسپيشلسٽ ايس ايس پي رائو انوار سپر هاءِ وي تي ايڪشن وٺندي احسن آباد ۾ خالي پلاٽ مان هٿيار هٿ ڪري ورتا، هٿ آيل هٿيارن ۾ 2 ايل ايم جيز، سنائيپر، 3 ڪلاشنڪوف، هڪ جي ٿري شامل آهن، ايس ايس پي رائو انوار موجب هٿيار ايم ڪيو ايم لنڊن جي گروپ جي نسيم اجميريءَ ۽ سندس ساٿين جو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته ڪارروائيءَ دوران ٻه ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 2 ڄڻا فرار ٿي ويا، هٿيار شهر ۾ دهشتگرديءَ جي لاءِ لڪايا ويا هئا.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے