26 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪراچي: حيدرآباد موٽر وي 12 ڪلاڪن کان پوءِ به کلي نه سگھيو، مشافر سخت ڏکيائين ۾ اچي ويا

Hydڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي-حيدرآباد موٽر وي تي بدترين ٽريفڪ جام کي 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي، شاهراهه جي ٻنهي طرفن وارن روڊن تي گاڏين جو ڊگھيون قطارون لڳي ويون آهن، جڏهن ته ٽريفڪ جام ۾ ايمبولينسون پڻ ڦاٿل آهن، سپر هاءِ وي تي لکي چڙهائيءَ ويجھو رات دير سان هڪ ٽريلر ڪلٽي ٿي پيو جنهن ڪري گذريل 12 ڪلاڪن کان ٽريفڪ بند آهي، موٽر وي پوليس طرفان ٽريلر کي بروقت نه هٽائڻ جي ڪري گاڏين جون ڊگھيون قطارون لڳي ويون آهن ۽ اڃا تائين ٽريفڪ بحال نه ٿي سگھي آهي، ٽريفڪ جام جي ڪري ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڄامشورو کان ڪراچيءَ ايندڙ ٽريڪ تي گاڏيون، ايمبولينسون، بسون ۽ ٽرڪن سميت سوين هيوي گاڏيون پڻ ڦاٿل آهن، جڏهن ته مسافر بُک، اڄ ۽ حاجت روائيءَ بابت سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، موٽر وي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته ٽريفڪ هڪ ڪلاڪ کان پوءِ کولي ويندي جنهن کي پڻ 3 ڪلاڪ گذري ويا آهن.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے