28 اربع , جون 2017

قانون جي حڪمراني |بدعنواني جا سرڪار تي پوندڙ  ناڪاري اثر

say no to                         ڪرپشن رڳو رشوت، بدعنواني يا غبن جو نالو نه آهي، پر ايمانداري سان پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ کان به انڪار آهي. ذاتي يا دنياوي مطلب يا مفاد جي اوٽ ۾ ڪنهن به بهاني  کي ڪتب آڻڻ به بدعنواني آهي ۔ڪرپشن هڪ اهڙو مرض آهي، جيڪو پکڙجي سڄي سماج کي معذور ۽ محتاج بڻائي ڇڏي ٿو، جنهن جي ڪري سماجي ،سياسي ۽ روحاني زندگي به  تباھ ٿي وڃي ٿي. ڪرپشن  وڻ ويڙهي وانگر آهي، جيڪا سرسبز وڻ کي ساڙي ۽ سڪائي ڇڏيندي آهي، اهڙي طرح  هيءَ ڪرپشن سماج کي تباھ ڪري ڇڏيندي آهي. ڪرپشن کي  سڌريل معاشرن ۾ لعنت تصور ڪيو ويندو آهي، اسلام رشوت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ کي جهنمي قرار ڏنو آهي، اهي معاشرا ئي ترقي ڪري سگهندا آهن،  جتي انصاف ۽ عدل جو نظام بهتر هوندو آهي.

اصل ۾ تاريخي طور ڪرپشن پاڪستان ٺاهڻ وقت اسان جي حصي ۾ آئي هئي. اڄ  ظاهري طور وڏي مرتبي تي ويٺل ماڻهو جيڪي ڪرپشن جي خلاف تقريرون ڪنداآهن ،پر ڪرپشن جي بنياد ۽ سبب توڙي  ان جي بڻ بڻياد ۽ پيدائش جي ڳالهه نه ڪندا آهن .پاڪستان کي لاڳو گهوٽالن کي رڳو هڪ لفظ ۾ ئي سمويو وڃي ٿو اهو آهي ” ڪرپشن“ ان هڪ لفظ اڏوهي وانگر قومي مفادن کي متاثر ڪيو آهي، ڪرپشن ملڪ جي اخلاقي قدرن کي پامال ڪيو آهي .اسان جا حڪمران طبقا ڪرپشن کي قانوني حيثيت ڏيڻ جي لاءِ آرڊيننس جاري ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، يا وري آئيني استثنا (ڇوٽ) جي نالي ۾ پاڻ کي ان کان بچايو ويندو آهي. جنهن ڪري اسان جي معاشري ۾ موجود اهڙن روين سان ڪرپشن مضبوط ٿيندي آهي .

پاڪستان ۾ رشوت، خيبر کان ڪراچي تائين فل اسپيڊ سان بنا بريڪ ڊوڙي رهي آهي ،پر سرڪار سڳوري ۽ سندس انتظامي مشينري جي مها ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي ۽ ڪميشن مافيا هٿان ڪميشن ڳڙڪائڻ ملڪان ملڪ مشهور ۽ مقبول ٿي وڏي مڃتاماڻي رهي آهي. هڪڙن وزيرن جي بيڊن تي نوٽن جون سٿيل قطارون ملن ٿيون ته ٻئي پاسي پرڪشش ۽ پراسرار شخصيتن جي حضور ۾ نذراني طور پئسن سان سٿيل ٿيلها سپرماڊل ايان علي وٽان ايئرپورٽ تي پڪڙجي پون ٿا. محترم ۽ مڪرم حضرات جي محلن مان سون سان ٽٻٽار باڪس ظاهر ٿين ٿيا .چوڻ جو مطلب آهي ته جتان جتان به وجهه ملي ٿو ته هو ان ڌنڌي کي نهايت ئي ايمانداري سان جاري رکيو پيا اچن.

ٻئي پاسي ساڳي ريت سرڪاري ننڍن توڙي وڏن ملازمن به گهٽ ڪانه ڪئي آهي .مثال طور تي اڃان حيدرآباد جي رهواسي پيءُ ۽ پٽ پوليس اهلڪارن جي اربين رپين واري ڪرپشن جي هاڪ هلي رهي هئي ته وري ساڳي ئي شهر سان تعلق رکندڙ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر مشتاق شيخ وٽان لڳ ڀڳ اوترو مال ملڪيت نيب وارن جي هٿ اچي ٿي .ان جو اڃان رمانڊ شروع ٿيو آهي تعليم کاتي جي آفيس سپريٽينڊيٽ بچومل به نيب وارن جي ورچڙهي ويو جنهن جي گهران اٽڪل 29 ڪروڙ رپين جي ماليت ظاهر ٿي آهي .

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل برلن گلوبل ڪرپشن بيروميٽر پنهنجي 2016ع جي سروي ۾ چيو آهي ته 70 سيڪڙو پاڪستانين جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ عدالتن  ۾ رشوت ڏيڻ ضروري آهي .سروي موجب پاڪستان ۾ رشوت جي شرح 40 سيڪڙو آهي ،هن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 75 سيڪڙو پوليس ،68 سيڪڙو عدالتن، 61 سيڪڙو سرڪاري پاڻي، صفائي ۽ بجلي جي کاتن ،38سيڪڙو سڃاڻپ ڪاغذن ،ووٽرز ڪارڊ،سرڪار جي پرمٽ ٺاهڻ جي ادارن ،11سيڪڙو سرڪاري، ڪلينڪ يا اسپتالن ۽ 9 سيڪڙو سرڪاري اسڪولن ۾ رشوت ڏني ويندي آهي .رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 76 سيڪڙو پوليس بدعنوان آهي.59 سيڪڙو سرڪاري آفيسرن ،54سيڪڙو پارلمينٽ جا ميمبر ڪرپٽ آهن جڏهن ته  44سيڪڙو وزيراعظم جي آفيس سيڪريٽريٽ ۾ ڪرپشن آهي.41 سيڪڙو جج ڪرپٽ آهن، 35 سڪڙو مذهبي ماڻهو ڪرپٽ آهن  .رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته 35 سيڪڙو ماڻهن جو خيال آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن اضافو ٿيو آهي .ان رپورٽ ۾ ٻڌايوويو ته ماڻهن کان سروي ۾ هڪ سوال پڇيو ويو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جي خلاف موجوده سرڪار جي ڪارڪردگي سٺي آهي يا خراب ٿي آهي .45 سيڪڙو جو خيال آهي ته سرڪار جي ڪارڪردگي سٺي آهي جڏهن ته 54 سيڪڙو چيو آهي ته ڪرپشن جي خلاف سرڪاري ڪارڪردگي بهتر نه آهي .پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو ماڻهن کي رشوت ڏيڻي پوندي آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر غريب ٿيندو آهي .رپورٽ موجب مختلف ملڪن ۾ ماڻهن کان سوال ڪيو ويو ته ڇا هو محسوس ڪندا آهن ته ڪرپشن جي خلاف جنگ ۾ ڪو اهم ڪردار اداڪري سگهن ٿا ته ايشيا پئسفڪ خطي جي ماڻهن جي اڪثريت چيو ته هو، پاڻ کي  بااختيار محسوس ڪن ٿا. ڪرپشن جي خلاف جنگ ۾ فرق پيداڪري سگهن ٿا.هن جي مقابلي ۾ پاڪستاني گهٽ انگ ۾ پاڻ کي بااختيار محسوس ڪندا آهن .

پاڪستان عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر فيض الرحمان دراني چيو آهي ته ڪرپشن ملڪي ترقي جي لاءِ وڏي رنڊڪ ٺاهي وئي آهي .زاڪوت ۽ عشر کان تعليم تائين، جڏهن ته آمدورفت کان وٺي احتساب تائين پاڪستان جو ڪهڙو کاتو آهي جيڪو ڪرپشن ۾ متبلا نه هجي .هن چيو ته ڪرپشن جي ڪري 80 ملين پاڪستانين کي ٻه ويلا ماني نٿي ملي. ڪرپشن جي ڪري غربت ۾ گهٽتائي جي بجاءِ ان ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي .ڪرپشن جي ڪري ماڻهن سان ناانصافي ٿي رهي آهي .معاشري مان انصاف ختم ٿي ويو آهي .هن چيو ته ڪرپشن جي اثر جي ڪري غريب ٻار مزدور ٿي ويندا آهن .ڪرپشن ۽ بيروزگاري ۾ اضافي جي ڪري نوجوان ڏوهن ڏانهن وڌي رهيا آهن. ڪرپشن ملڪ جي توانائي جو بدترين بحران ختم ٿيڻ نٿي ڏي .هن چيو ته ڪرپشن زهر آهي جيڪو معاشري کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي .زنده قومون ڪرپشن جي خلاف جنگ ڪري رهيون آهن .هن موضوع تي شايع ٿيندڙن جي هڪ جاچ رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي بدعنواني جي حڪمت عملي ۾ ناڪامي جو هڪ اهم سبب عوام ۾ بدعنواني قابل برداشت ٿيڻ آهي .جاپان،هانگ ڪانگ،ڀارت ۽ پاڪستان ۾بدعنواني جي حوالي سان ڪوششن تي جاچ پروفيسر ڊاڪٽر محمد منير جيڪو لاهور جي اداري ۾ بزنس ايڊمنسٽريشن جو استاد آهي چيو آهي ته ملڪن جي ڪمتر ڪارڪردگي جو سبب پاڪستاني عوام ۾ بدعنواني جو عنصر موجود آهي، ٻيو اهم سبب حڪمران طبقي ۾ ان حوالي سان سياسي عزم جو فقدان آهي .هن چيوته پاڪستان ۾ بدعنواني جي لاءِ وڏوقانون موجود آهن .نيب ،ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن جي شڪل ۾ موئثر  ادارن سان گڏ ٻيا به ادارا ڪم ڪري رهيا آهن .

نئب جي چيئرمين قمرزمان چيو آهي ته پاڪستان بدعنواني جي ڪوشش ۾ گهٽائي رهي آهي ته ان جي وجهي ماضي ۾ درست قدم نه کنيا ويا .هن چيو ته 1999ع کان پوءِ نيب تي امتيازي احتساب جو الزام لڳايو ويو آهي .هن چيو ته ان وقت جي حڪمرانن احتساب کي سياسي مصلحتن جي ماتحت ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري هي ادارو غير موئثر ٿي ويو آهي .پر هن وقت بهتر ڪم ڪري رهيو آهي جيڪي ڪرپشن ۾ ملوث آهن ان جي خلاف ڪارروائي به ٿي رهي آهي جنهن ۾خاص طور تي ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ شرجيل ميمڻ سميت ٻيا ڪيس شامل آهن .

اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين غلام قادر ٿيٻي چيو آهي ته ڪرپشن وائيٽ ڪالر ڪرائم آهي .هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن هڪ وڏو مسئلو آهي .جنهن کي سڀني کي ملي ڪري ختم ڪرائڻو آهي.هن چيو ته دهشتگردي وانگر ڪرپشن سان جنگ ڪرڻ لاءِ عوام کي هڪ ٿيڻ ضروري آهي .هن چيو ته ڪرپشن جي خلاف جاچ ڪرڻ جي لاءِ اينٽي ڪرپشن وٽ اختيار گهٽ آهن .هن وڌيڪ چيو ته 2016ع جي آخري ٽماهي ۾ 43 ڇاپا هڻي 147 گرفتاريون ڪيون ۽ 103 ڪيس رجسٽرڊ ڪيا .107 ڪيسن جا ڪورٽ ۾ چالان پيش ڪيا جنهن ۾6 کي سزا ٿي آهي .اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين چيو آهي ته اي سي اي نه رڳو ماڻهن کي پڪڙي رهي آهي بلڪ ڪرپشن جي خلاف ماڻهن ۾ شعور اجاڳر ڪرڻ جي لاءِ به ڪم ڪري رهيا آهيون .هن چيو ته سنڌ سرڪار سنڌ اينٽي ڪرپشن ايجنسي قائم ڪرڻ جي لاءِ  قانون تيارٿي ويو آهي .جنهن جي تحت غير قانوني طور ڪمايل رقم جي عدالت ذريعي رڪوري ڪرائي ويندي .چئيرمين چيو آهي ته غير قانوني طريقي سان حاصل ڪيل آمدني کان گهٽ ڏنڊ وصول نه ڪيو ويندو .هن چيو ته سزاسان جوابدار پارليامينٽ ،صوبائي اسيمبلي جي ميمبر شپ تان به نااهل ڪيو ويندو. اهو 10 سالن تان به سرڪاري عهدي تي مقرر ٿيڻ جو مجاز نه هوندو .

مسلم ليگ (ن) سنڌ جي ايم پي اي سورٺ ٿيٻو چيو ته ڪرپشن جي ڪري ادارا تباهه ٿي ويا آهن .هن چيو ته  قلندر جي مزار تي ڌماڪو سنڌ سرڪارجي ڪمزوري ظاهر ڪري ڇڏي آهي ته سنڌ سرڪار جي ادارن ۾ ڪرپشن حد کان وڌيڪ آهي، ته ادارا ڪم ئي ڪونه ٿا ڪن. هن چيو ته ڪراچي آپريشن کان پوءِ ڌماڪن ۾گهٽائي ٿي آهي .هن چيو ته تعليم تباهه ٿي وئي آهي .صحت جي حالت به خراب آهي .پيئڻ جو صاف پاڻي نٿو ملي .

پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي سان جڏهن حڪومتي ڌر جي موقف وٺڻ جي لاءِ رابطو ڪيو ويو ته سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ پ پ سرڪار ۽ قيادت ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ  انتهائي قدم کنيا آهن .هن وڌيڪ چيو ته نئب سميت اسان کي تمام ادارن تي اعتماد آهي پر ادارن جي برابري جي بنياد تي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي .هن چيو ته پنجاب ۾ حد کان وڌيڪ ڪرپشن ٿي رهي آهي پر پنجاب جي ادارن ۾ ڪٿي به نالي ماتر به ڪارروائي نظر نٿي اچي، ان ڪري اسين محسوس ڪيون ٿا ته ادارا اڻ ڌريا ناهن .ڪرپشن ان وقت تائين ختم ٿي نه سگهندي .جيستائين ادارا اڻ ڌريا نٿا هجن، هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪرپشن جي خاتمي لاءِ بهترکان بهتر قدم کڻي پئي ،معاشري جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ اسين ڏينهن رات عوامي مفادن لاءِ اوليت جي بنياد تي ڪم ڪري رهيا آهيون.

نامياري دانشور جامي چانڊيي چيو آهي ته بچومل ۽ مشتاق شيخ بابت ته جاچ نئب ڪئي آهي پرهي جيڪي سنڌ ۾ وزارتن ۽ اهم انتظامي منصبن تي ويٺل وڏا بچومل آهن .انهن جي جاچ ڪير ڪندو؟ هن چيو ته شرجيل کي ته رينجرز وارن سوڙهو ڪيو جو هو ڀڄي ويو، ٻين ۾ هٿ ڪير وجهندو. مان سمجهان ٿو ته اها اميد سنڌ سرڪار مان نه ڪرڻ اڃا ئي آهي .ڪرپشن جي بازار مچايل  سنڌ ۾ ڪرپشن جي خلاف صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ڪوشفاف اهڙو سرشتو جڙڻ گهرجي جتي دانهن ڪري سگهجي جتي ڪو ٻڌڻ وارو هجي، جتي ڪنهن صحيع جاچ جو طريقو هجي ۽ جتي ڪرپشن ،اقرباپروري ۽ ميرٽ جي لتاڙ کي ڪو ٻنجو ڏئي سگهجي .سنڌ سرڪار تعليم جو سڌارو، سنڌ سرڪار جي اوليت ناهي، تعليم جي شعبي ۾ اربن رپين جي ڪرپشن ٿيل آهي سنڌ ۾ تعليم،صحت ،پاڻي ۽ زراعت تباهه آهي.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وفاقي توڙي صوبائي سرڪارجي وزيرن چونڊيل عيوضي، آفيسرن صرف ۽ صرف عوام جي فلاح بهبود وارن ترقياتي منصوبن لاءِ وقف ٿيل اربن رپين جي ڪرپشن ڪرڻ سان گڏوگڏ ميرٽ ۽ اهليت تي نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ بدران لکين رپين عيوض نااهل ۽ جاهل ماڻهن کي نوڪريون ڏئي هڪ طرف پنهنجا ڀڀ ڀريا ٻئي طرف ميرٽ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو، ٽئين طرف وري سرڪاري کاتن ۽ ادران جي سڻڀن ۽ اهم پوسٽن تي جي حضوري مال ميڙيندڙکائو ۽ کارايو جهڙي کاٽائو پٽن کي ويهاري انهن جي سيتاناس ڪري ڇڏي آهي.پاڻ مٿي جن سرڪاري معمولي قسم جي ملازمن جي ڪروڙين رپين واري ڪرپشن ۽ وٺ پڪڙ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، ڇا انهن ايترا پئسا پنهنجي پنهنجي عهدن جي نسبت سان گڏ ڪيا هوندا؟ يقينن اهو نامڪمن آهي هو ضرورڪن،وڏين بااثر ڌرين جافرنٽ مين هوندا،  ان ڪري هنن وٽان جيڪا رقم ملي ۽ ظاهر ٿي آهي، اها اڻويهين ۽ ويهين پتي جي برابرهوندي.پاڻ کي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته پاڪستان جي شروعاتي دور کان وٺي اڄ تائين سڀني سرڪاري کاتن،ادارن کي رشوت اُڏيهي وانگي وڪوڙي وئي آهي ۽ ڪنهن به مسڪين ماڻهو جوجائزڪم به رشوت ڏيڻ بنا ٿيڻ ناممڪن آهي، ان کانسواءِ رشوت خوري،سفارش خوري،ڪميشن خوري۽ اقرباپروري جهڙي بڇڙي بلا پاڪستاني سماج کي پنهنجي خونخوار چنبن ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي .ڪرپشن هڪ قسم جو ڪاروبار بنجي چڪو آهي، انڪري رشوت وٺندڙ ۽ ڏيندڙ کي ڪوبه خوف خداڪونه ٿو ٿئي، نه وري قانون جوخوف ۽ ضمير ملامت ڪري ٿو.ان ڪري رشوت سرعام ۽ کليل نموني هلي رهي آهي .اسان جا ڏسڻا واسڻاماڻهو به ان کي هڪ قسم جي ٽيڪنڪ ۽ هوشياري سمجهندي ان جو حصو بڻجي رهيا آهن .پاڪستاني معاشري مان اعليٰ معيار جا گڻ ختم ٿيندا پيا وڃن، ان جي نتيجي ۾ پاڪستان جي ماڻهن جو مزاج انتهائي هيٺئين درجي تي پهچي ويو آهي ۽ هرطرف کان ياڦٻان ياڦٻان جي صدابلندٿي رهي آهي .ڪرپشن جي معاملي کي عوام کي خاموشي ختم ڪري ان جي خلاف جهاد ڪرڻو پوندو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: نيوز بليٽن ڇهون

*ايئرچيف مارشل سهيل امان پاران احمدپور شرقيه سانحي جي زخمين جي عيادت *وزيراعظم جا پٽ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي