20 جمعو , آڪٽوبر 2017

ڇا اقليتن کي برابري جا حق مليل آهن؟

razaqاقليت جي حق جي ڳالهه ڪيون ٿا ته اسان کي ڄاڻ ملي ٿي ته عالمي پڌر نامي موجب رياست پاران اقليت کي برابري جا حق مليل آهن، پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 36 موجب  قانوني حق ڏنا ويا آهن، جن ۾ سندس، عزت، مال ۽ جان جي تحفظ سميت تعليم، صحت ۽ ملازمت جي حوالي سهولتون ڏنيو ويون آهن، جيڪي ”اڪثريت“ کي مليل آهن. جيڪڏهن اسين قانوني ۽ آئيني حوالن ۾ ڏسون ته اسان کي ڪٿي به اها زيادتي نظر نه ايندي پر جيڪڏهن سماجي جائزو وٺنداسين ته هتي۾اقليتن سان ٿيندڙ زيادتين ڪيتريون شڪلون نظر اينديون.

جڏهن هن رپورٽ جي تياري وقت مون هندو ڪائونسل جي باني ۽ پاڪستان مسلم ليگ جي ايم اين اي رميش ڪمار وانڪواڻي سان ملاقات ڪئي ته هن جو چوڻ هو ته هندو ڪائونسل جو قائم رڳو سنڌ جي هندو جي نه پر پاڪستان ۾ رهندڙ ٻين غير مسلم برادرين جي حقن جي تحفظ لاءِ به جوڙي وئي آهي،  هن جو اهو به چوڻ هو ته سنڌي ۾ هندو نياڻين جي اغوا جي وارداتن خلاف تازو  ئي سنڌ اسيمبلي مان سنڌ هندو ميرج بل پاس ٿيو پر ان بل جي رستا روڪ ڪئي وئي آهي، سندس چوڻ هو ته اسين ان سموري وارتا کي پاڪستاني رياست جي ناڪامي سمجهون ٿا،  ڇو جو جيڪي طاقتون هميشا انتهاپسندي کي هٿي ڏينديون آيون آهن، تن هن بل تي وڏا اعتراض واريا آهن. اهو ئي سبب آهي جو نياڻين تحفظ وارو بل پاس نه ٿي سگهيو آهي.

ملڪ اندر اقليتن سان ٿيندڙ ناانصافين  جي حوالي سان اسان ڪجهه اهم واقعن جو جائزو وٺنداسين ۽ ڏسنداسين ته اسا کي اها پروڙ ضرور پوي ٿي نمبر هڪ ته اقليت سان تعلق رکندڙ برادرين جي اڪثريت غريب ۽ بي پهچ آهي، جنهن جي ڪري اها هر ناانصافي کي شايد مقدر ۾ لکيل محرومي طور برداشت ڪري ويندي آهي، پر هنن جي تحفظ لاءِ توڙي جو رياست جو آئين  به موجود آهي پر هن تي عمل درآمد نه ٿيڻ جي ڪري اقلتن کي گهربل حق ملڻ ڏکيا ٿي پيا آهن،  جنهن جو چٽو ثبوت 2013ع ۾ لاهور جي بادامي باغ واري علائقي ۾ مسيح  وسندي مٿان حملو هو جنهن مقتدر 178 گهرن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو هو، هن سانحي کان پوءِ ميڊيا جي رپورٽن موجب اها به ڄاڻ ملي ته توهين رسالت هيٺ گرفتار نوجوان ساوڻ مسيح مارڪيٽ جي اليڪشن ۾ اميدوار طور بيٺو هو ساڳيءَ مارڪيٽ ۾ حجامڪو ڪم ڪندڙ همراهه شاهد ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ته ساوڻ مسيح توهين رسالت ڪئي آهي، جنهن تي بادامي باغ جي پوليس ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو هو. جنهن بعد علائقي واسين ۾ حراس پکڙجي ويو هو، عيسائي ڊپ وچان پنهنجا اجها ڇڏي ويا، مڇريل ماڻهن عيسائي برادري جي آبادي تي حملو ڪري گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي هئي، پر پوليس سوين مڇريل ماڻهن جي آڏو پنهنجي ڪا به طاقت استعمال نه ڪري سگهي نه وري رياست جي آئين ۽ قانون موجب عتاب هيٺ آيل مجبور ماڻهن ڪو به تحفظ ڏئي نه سگهي هئي ، جنهن جو هڪڙو ئي سبب هو جو هڪ عيسائي نوجوان تي مذهبي الزام جي هجڻ بعد ڄڻ ته سموري برادري واجب القتل هجي.

razaq-2 اها ناانصافي هتي به دنگ نٿي ڪري. ميڊيا جي رپورٽن موجب ان سلسلي ۾ جڏهن ن ليگ جي اڳوڻ ۽ موجوده صوبائي قانون جي وزير راڻا ثناءُ الله کان معلومات ورتي وئي ته هن اهو ٻڌايو ته واقعي بابت اڳواٽ ڄاڻ هئي ته ڪجهه شرپسند ماڻهو عيسائي برادري کي نشانو بڻائي سگهن ٿا ۽ ان سلسلي ۾ سرڪار حڪم به جاري ڪيا، پر تنهن باوجود به هي واقعو پيش آيو، جنهن ۾ ملوث ماڻهن کي ضرور سزا ڏني ويندي، پر اڃا تائين ان جو ڪو به ازالو ناهي ٿي سگهيو، شايد هاڻ ته ماڻهن جي ذهنن تان به هيءَ سانحو پنهنجا عسڪس مٽائي چڪو آهي، هاڻ اچون ٿا ساوڻ مسيح تي ته هن جيڪڏهن اهڙو عمل ڪيو هو ته هن کي سزا ڏيڻ لاءِ قانون به موجود هو، ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ هن کي قرار واقعي سزا ڏيڻ تي 178 خاندانن کي به ڪو اعتراض نه هجي ها، هنن لاءِ به اها نصيحت هجي ڪو به ماڻهو اهڙو ڏوهه ڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچي ها، پر رياست جي رٽ ڪمزور هجڻ جي ڪري جنوني ماڻهن رستن تي عدالتون جوڙي بنا ڪنهن شاهدي يا جاچ سمڄي وسندي کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو.

اهڙو ئي هڪ واقعو 2011ع  فيصل آباد ۾ به پيش آيو هو، جنهن ۾ به عيسائين جي گهرن کي ساڙيو ويو هو ۽ انهن ۾ ملوث جوابدارن کي اڄ تائين سزا ناهي ڏني وئي، 16 جولاءِ  2016 تي عوامي آواز ۾ رپورٽ ٿيل هڪ خبر موجب برطانوي اخبار ڊيلي ميل آن لائن دعويٰ ڪئي آهي ته لاهور جي علائقي ايل ڊي اي ڪوارٽر جي رهواسي عقيل مسيح الزام هنيو آهي ته اسلام قبول نه ڪرڻ تي کيس اغوا ڪري سندس ٻئي ٻانهون ڪپيون ويون آهن. عقيل مسيح موجب هو پيٽرول پمپ تي ڪم ڪندو هو، هن ٻڌايو ته کيس اسلام قبول ڪرڻ تي زور ڀريو ويندو هو، جنهن کان انڪار تي سزا طور سندس ٻئي ٻانهون ڪپيون ويون آهن. ٻئي پاسي پوليس عقيل مسيح جي الزامن کي رد ڪندي واقعي کي ريل حادثو قرار ڏئي ڇڏيو هو. پر هڪ عيسائي تنظيم ليگل اوينجليڪل ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته انتها پسند عقيل مسيح کي عيسائي مذهب ڇڏي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجھي رهيا هئا. انڪار ڪرڻ تي سزا طور سندس ٻئي هٿ ڪپيا ويا.

بدين ضلعي جي شهر پنگريي ۾ 2013ع هڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ انتها پسندن  هندو نوجوان ڀوري ڀيل جي لاش جي بيحرمتي ان ڪري ڪئي جو هن کي مسلمانن جي قبرن ويجهو پوريو ويو هو.

شڪارپور ضلعي 7 نومبر تي قربانيءَ واري عيد جي ڀلاري ڏينهن هڪ انتها پسند مذهبي جماعت سان واڳيل مولوي قاضي غلام محمد ڀيو جي چرچ تي سندس ٻين انتها پسند ساٿين ڀتو نه ڏيڻ تي حلال جانورن جي قرباني ڪري سنت ابراهيمي تي عمل ڪرڻ بدران ٽن بيگناهه هندو جوانن ڊاڪٽر اجيت ڪمار، نريش ڪمار ۽ اشوڪ ڪمار کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو هو،  جڏهن ته هڪ ڊاڪٽر ستياپال شديد زخمي ٿيو. ان دردناڪ واقعي کي ڏيڍ سئو ڏينهن گذري ويا آهن پر شڪارپور پوليس مک جوابدار قاضي غلام محمد ڀيو، اقبال عرف فوجي، رمضان ڀيو ۽ حسين ڀيو کي ڪيس عدالتن هجڻ سبب اڃا به ڪا اڳڀرائي ناهي سگهي، واقعي جو نبيرو ڪرڻ لاءِ حڪومتي اختيارين جي وچ ۾ پوڻ بعد وفاقي وزير غوث بخش مهر جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ منٿ ميڙ قافلو مقتولن جي وارثن ڏانهن ويو هو ۽ وارثن انصاف کان مايوس ٿي ۽ موتمار ڌمڪين جي نتيجي ۾ فيصلي تي راضپو ڏيکاريو هو.

عمرڪوٽ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر آهي هتي 31 جولاءِ 2014ع تي ٻن هندو ڀائرن اشوڪ ڪمار ۽ هيرا لال کي قتل ڪيو. واقعي جي اکين ڏٺي شاهد ڌرمون مل مالهي ڌمڪيون ملڻ تي پاڻ ساڙي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. اڄ تائين هنن جا قاتل به گرفتار ٿي ناهن سگهيا

شادي پلي ۾ لڄالٽ جو شڪار ٻن ڀينرن ڪئي؟ ۽ پنهنجي حق لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي ڪڪو ڪولهي قتل ڪيو ويو هو.

ايوانن جي نمائندن ۽ سياسي ڌرين به ان معاملي تي 2012ع ۾ ويچار ڪرڻ لاءِ  سنڌ هيومن رائيٽس ڪائونسل پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ گول ميز ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن کي ۾خطاب ڪندي پيتامبر سيوهاڻي (هن وقت جي سنڌ اسميبلي جي ميمبر هاڻ اڳوڻي ايم پي اي) چيو هو ته 1939ع ۾ رڪ اسٽيشن تي ڀڳت ڪنور رام مٿان گولي هلائي ڌرتي ڌڻي هندن خلاف سازش جو بنياد رکيو ويو، ورهاڱي کان پوءِ هزارين هندن کي ماريو ۽ لڏايو ويو، سکر ۾ مندر ساڙيا ويا ۽ ڪراچيءَ ۾ 70 لک هندن کي زوريءَ سنڌ مان تڙي ڪڍي ويو، جنهن کانپوءِ ظلم جو سلسلو جاري آهي.

ساڳي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو هو ته هندن کي اقليت وارو لفظ  ۽ احساس پنهنجي ذهن مان ختم ڪرڻ گهرجي، اقليت وارو لفظ قبولڻ وطن جي مالڪي تان هٿ کڻڻ ۽ پنهنجي وڏڙن جي تهذيب ۽ ورثي سان ناانصافي ڪرڻ برابر آهي. جڏهن سنڌ تي سنڌين جي مالڪي هئي، تنهن وقت سنڌ ۾ هندو ۽ مسلمان جو ڪو به فرق نه هوندو هو، هندو درگاهن ۾ دعا گهرندا هئا ۽ مسلمان مندرن ۾ چپل لاهڻ کان سواءِ داخل نه ٿيندا هئا. هن چيو ته اسان وٽ نياڻين لاءِ احترام آهي ۽ اسان جي نظر ۾ نياڻين جي عزتن تي حملو قوم جي غيرت تي حملي ڪرڻ برابر هو.

عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چوڻ هو ته دنيا جو ڪو به مذهب ڪنهن کي به مارڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي ۽ نه ئي ڪنهن مذهب ۾ ڪنهن عورت کي اغوا ڪري سندس مذهب مٽرائڻ جي اجازت مليل آهي. هن چيو ته هندو برادري کي پاڻ سان ٿيندڙ ظلمن بابت خاموش نه ويهڻ گهرجي.

سنڌ جي اڳوڻي ايڊووڪيٽ جنرل محمد يوسف لغاري چيو هو ته جتي قانون جي حڪمراني نه هوندي آهي ۽ ادارا غلام هوندا آهن ، اتي ماڻهن سان ظلمن جو سلسلو وڌي ويندو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني ناهي، تنهن ڪري ماڻهو بيوس بڻيل آهن، هتي اسٽبلشمينٽ ۽ وڏيرن جا قانون پيدا ٿيل آهن، ضلعا، جاگيردارن جي اسٽيٽ بڻيل آهن، اهڙي صورتحال ۾ انصاف ملڻ مشڪل آهي. هن چيو ته هندن سان ٿيندڙ ظلمن بابت هر ڌر کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته رياستي ادارا ۽ سنڌي قوم ٽڪراءَ ۾ آهي، سنڌي قوم کي غلامي خلاف بغاوت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي ماڻهن کي ذاتين ۽ برادرين ۾ ورهائي مذهبي باهه ٻاري ڇڏي آهي. هن چيو ته هتي جمهوريت ۽ مذهب جي نالي ۾ ماڻهن کي هيسايو ۽ لٽيو پيو وڃي. سنڌ هيومن رائيٽس ڪائونسل جي اڳواڻ رميش گپتا چيو هو ته هندن جون نياڻيون اغوا ڪري زبردستي مذهب مٽرايو وڃي ٿو.

ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳوڻي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي چيو هو ته  12 يا 14 سالن جي عمر ۾ شادي ڪرائڻ جي ڪو به مذهب اجازت نٿو ڏئي. هن چيو ته هٿيارن جي زور تي مذهب مٽرائي ڇوڪرين کي ڌمڪيون ڏئي کانئن زبردستي پنهنجي حق ۾ بيان ورتا وڃن ٿا.

مذهبي اڳواڻ ۽ درگاهه سيد خادم حسين شاهه المعروف بابا بگي شاهه خانيوال جي گادي نشين سيد اقبال حسين شاهه موبائيل فون ذريعي ٿيل رابطي وقت هن جو چوڻ هو ته پاڪستان هڪ اسلامي رياست آهي، جنهن ۾ مسلمانن جيان ٻين مذهبن جي ماڻهن کي به آئين موجب بنيادي حق مليل آهي، هو پنهنجي عبادت گاهن ۾ عبادت کان ويندي تعليم ۽ نوڪري سميت هر سهولت ۽ تحفظ مليل آهي، اسلام ڀائيچاري ۽ امن جو امين مذهب آهي. جيڪڏهن ٻين مذهبن جا ماڻهن مسلمانن جي مذهبي معاملن سان هٿ چراند نٿا ڪن ته هنن جي مذهبي مسئلن سان به ڪير به هٿ چراند ڪو نه ڪندو، جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪجهه واقعا ٿيا آهن ته هنن جو ضرور ڪو نه پسمنظر هوندو. مذهب هڪ حساس مسئلو آهي، جيڪڏهن ڪو وڏو مسئلو ٿئي ٿو ته پيو هو انفرادي ناهي رهندو اجتماعي ٿي وڃي ٿو. قانون تي عمل درآمد سان وڏن سانحن کي روڪي سگهجي ٿو. نبي سڳوري جي تعليمات تي عمل ڪرڻ سان اسين پر امن ماحول پيدا ڪري سگهون ٿا.

هاڻ اچون ٿا پنهنجي موضوع ڏانهن ته آخر ملڪ جي آئين ۽ قانون جي بالادستي ڪهڙي ريت قائم ٿيندي، عالمي پڌرنامي اقلتن سان ٿيندڙ ناانصافين  کي ڪئين روڪي سگهبو،

ان حوالي سان سنڌ جي سينيئر صحافي ڊاڪٽر ايوب شيخ  پنهنجو موقف ڏيندي چيو ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 36 ۾ ٿورائي وارين جاتين جي باري ۾ لکيل آهي ته رياست انهن جي جا.ئز قانوني حقن جو بچاءُ ڪندي ۽ صوبائي ۽ قومي اسيمبلين ۾ انهن جي نمائيندگي ڏني ويندي. پاڪستان ۾ ٿورائي واريون جاتيون مختلف صوبن ۾ مختلف دٻاءَ هيٺ رهن ٿيون. سنڌ ۾ هندن جي لکين ماڻهن جي آبادي کي مختلف وقتن تي مختلف مسئلا رهيا آهن:  جهڙوڪ

1امير ماڻهن جي معرفت اسيمبلين جون ٽڪيٽون حاصل ڪرڻ

2غريبن جو ڪڏهن به داد فرياد نه ٿيڻ

3انهن جي تعليم توڙي پرورش جي باري ۾ قانونسازي نه ٿيڻ

4انهن جي روزگار توڙي موقعن جو نه هجڻ

 

ٿورائي وارين جاتين ۾ ٽي طبقا آهن

مٿيون طبقو جنهن لاءِ پاڪستان ۾ ڪي به فرق ڪونهن

وچون طبقو: جيڪو مٿئين طبقي سان ملي سمورا فائدا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو

هيٺيون طبقو: پيڙهيل ۽ بي پهچ طبقو. جنهن جو ڪوبه ڌڻي سائين ڪونهي

انهن ٽنهي طبقن جا پاڪستان جي سياست توڙي عقيدن ڏانهن الڳ الڳ رويا آهن.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: لاڙڪاڻي ۾ وي آءِ پي موومنٽ سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين چانڊڪا پل بند ڪئي وئي، سوين ماڻهو پريشان

 اڄ ڪنهن وي آء پي جي اچڻ جي ڪري لاڙڪاڻو جو چانڊڪا پل وارو  روڊ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي