19 اربع , سيپٽمبر 2018

دمشن قوتون مسلمانن پاڻ ۾ ويڙهائڻ چاهن ٿيون: رضا رباني

Raza Rabaniنوشهره(ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته دشمن قوتون مسلمانن کي هڪ ٻئي خلاف بيهارڻ چاهن ٿيون. هن مطالبو ڪيو ته شام جي مسئلي تي حڪومت ڳالهين کان پوءِ گڏيل قومن ۾ پنهنجو موقف پيش ڪري. نوشهر ۾ جميعت علماءِ اسلام جي ٽن ڏينهن واري دوري تي ملڪي قيادت کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي اندرين ۽ ٻاهرين حالتن ۾ اهو اجتماع نهايت اهم آهي، دنيا ۾ اسلام خلاف منصوبي تحت سازش ڪئي پئي وڃي. اسلام کي بدنام ۽ دهشتگرد مذهبت ثابت ڪيو پيو وڃي.  هن چيو ته هن اجتماع مان هڪ آواز وڃڻ گهرجي ته مسلمان هڪ آهن ۽ هو پنهنجي عمل سان ان سازش کي ناڪام ڪندا. هن شام ۾ آمريڪا جي حملي جي سخت مزمت ڪئي ۽ چيو ته گڏيل قومن جي سامهون سوچي سمجهي فيصلو ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڄام ڪمال طرفان وزيراعظم جي مهاجرن کي شهريت ڏيڻ واري بيان تي خدشا ظاهر

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال وزيراعظم عمران خان طرفان مهاجرن کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے