22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اسلام امن، محبت، صبر ۽ انسانيت جي احترام جو درس ڏيندو آهي: نواز شريف

Nawazاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم نواز شريف ۽ ڪعبي جي امام صالح بن محمد طالب وچ ۾ ملاقات ٿي آهي.  وزير اعظم نواز شريف ۽ پاڪستان جي دوري تي آيل ڪعبي جي امام شيخ صالح بن محمد طالب ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ سعودي عرب جي مذهبي معاملن واري وزير شيخ صالح بن عبدالعزيز بن محمد ال شيخ به موجود هو. ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي وزير اعظم سندس پاڪستان آمد کي برڪت قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان سعودي عوام هڪ ٻئي کي احترام سان ڏسندا آهن ۽ ٻنهي جي اسلامتي ۽ ثقافت گڏيل آهي. وزير اعظم چيو ته اسلام امن، محبت، صبر ۽ انسانيت جي احترام جو درس ڏيندو آهي تنهن هوندي اسلام جو پيغام سڄي دنيا ۾ پکيڙڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته سعوديه سان مذهبي ۽ روحاني طور سلهاڙيل آهيون ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻايا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي حڪومت جيان ڪرپشن خلاف جنگ ڪنداسين: وزيراعظم عمران خان

جدا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سعودي عرب جيان اسان جي حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے