20 خميس , سيپٽمبر 2018

لاهور جي مناوان واري علائقي پوليس هٿان 10 دهشتگرد مارجي ويا

Lahore Policeلاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي مناوان واري علائقي ۾ مبينا مقابلي دوران ڏهه مبينا دهشتگرد مارجي ويا، سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ مال روڊ ڌماڪي جو سهولتڪار انوار الحق ۽ سندس 5 ساٿي شامل آهن،دهشتگردن کان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي سي ٽي ڊي ذريعن موجب لاهور جي مناوان واري علائقي ۾ مبينا مقابلي دوران ڏهه مبينا دهشتگرد مارجي ويا آهن ذريعن موجب مارجي ويلن ۾ مال روڊ ڌماڪي جو سهولتڪار انوار الحق ۽ سندس 5 ساٿي شامل آهن،جن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي سي ٽي ڊي ذريعن موجب دهشتگرد انوار الحق ۽ سندس 5 ساٿين کي اصلحو بارود جي رڪوري لاءِ مناوان نيو پيو وئي ته سندن ساٿين مٿن حملو ڪري کين ڇڏائي ورتو ۽ فرار ٿي ويا سي ڊي ٽي اختيارين مووجب واڌو نفري طلب ڪري دهشتگردن جو پيڇو ڪيو ويو،جنهن بعد انهن مٿن فائرنگ ڪري ڏني سي ٽي ڊي پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ڏهه دهشتگرد مارجي ويا،جڏهن ته سندن ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا مارجي ويل دهشتگردن مان ڪجهه جي سڃاڻپ انوار الحق، عبدالله،عطا الرحمان،امام شاهه ۽ عرفان خان جي نالن سان ٿي،دهشتگردن جي قبضي مان 2 ڪلو ڌماڪيدار مادو،3 ڪلاشنڪوف،پسٽول، ۽ چوري جون موٽرسائيڪل هٿ آيون آهن ذريعن موجب مارجي ويل مڙني دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم جماعت الاحرار سان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے