20 خميس , سيپٽمبر 2018

وچ اوڀر ۾ ڀڙڪندڙ جنگ ۾ پاڪستان پنهنجا پاند بچائي

آميريڪا پاران شام جي فوجي اڏي تي حملي کانپوءِ روس پاران ان معاهدي کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه سامهون آئي آهي، جنهن ٺاهه ۾ ٻنهي ملڪن طئي ڪيو هو ته اهي شام جي چوڌاري ڪنهن به فضائي تڪرار جو حصو نه بڻجندا. روس جو چوڻ آهي ته جمعي ڏينهن شام تي آميريڪي حملي جو مقصد هڪ وڏي جنگ ڇيڙڻ آهي، جنهن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. شام اديليب شهر ۾ مبينه ڪيميڪل حملي جي ترديد ڪندي ان کي آميريڪي بهانو ڪوٺيو آهي.

شام پاران پنهنجي ملڪ جي بچاءَ ۾ هيستائين گهٽ ۾ گهٽ 4 لک ۽ شام پاران 6 لک ماڻهن جي مارجي وڃڻ جو انگ ٻڌايو پيو وڃي. تازو، ڪالهه، آميريڪا پاران شام جي فوجي اڏي کي 59 ٽام هاڪ ڪروز ميزائيلن سان حملو ڪري تباهه ڪرڻ واري واقعي تي سموري دنيا ۾ ان اڳرائيءَ جي خلاف تبصرا شروع ٿي ويا آهن، ان فوجي اڏي لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو فوجي اڏو شامي صدر بشارالاسد جي خاص فوج جي استعمال ۾ ايندڙ اڏو هيو.  مشهور عالمي تنظيم ”ريڊ ڪراس“ چيو آهي ته اهو حملو عالمي طور هٿياربند اڳرائي ڪوٺي سگهجي ٿو ۽ ان سان مسئلا خراب ٿيڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. روس ان حملي تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ”لڳي ٿو ته آميريڪا ان حملي جي واسطي اڳواٽ تياري ڪري رکي هئي”

آميريڪا گذريل ڏينهن شام تي الزام هنيو هو ته ان پاران ادليب شهر ۾ جنگ ۾ ڪيميڪل هٿيارن جي استعمال سان  27 ٻارن سميت 72 کان مٿي شهري مارجي ويا آهن، جنهن ڳالهه کي ڪڏهن به قبول ڪري نه ٿو سگهجي. آميريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ پاران جاري ڪيل بيان ۾ شام پاران ڪيميڪل حملي کي ”انسانيت جي توهين“ سڏيو ويو آهي. جڏهن ته آميريڪي حملي جي ترڪي ۽ برطانيا پاران حمايت ڪئي وئي آهي ۽ ايران ان ڏوهه کي سخت لفظن ۾ ننديو آهي.

آميريڪي صدر ٽرمپ چيو آهي ته جنهن اڏي تان شام مبينه زهريلي گئس سان حملو ڪيو هو، ان ئي اڏي کي تباهه ڪرڻ جو حڪم هن پاڻ ئي ڏنو هيو. ان حملي جي شام جي مخالف باغي فوجين آجيان ڪئي آهي ۽ اميد ڪئي آهي ته اها شروعات هوندي ۽ حملا وڌايا ويندا. آميريڪا چيو آهي ته هو ان مبينه ڪيميڪل حملي جو سنجيدگي سان جواب ڏيڻ لاءِ وڌيڪ سوچي رهيو آهي.

شام جي صدر بشارالاسد ۽ روس ان جي سخت مذمت ڪئي آهي. روسي صدر ولاديميئر پيوٽن ان حملي کي شام خلاف فوجي اڳرائي سڏيو آهي. روس جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته آميريڪي حملي مان اها ڳالهه محسوس ڪري سگهجي ٿي ته ان جي تياري اول ڪري ”ادليب“ واقعي کي بهانو بڻايو ويو هو.

سڄي دنيا کي ظاهري طور چرچن، لطيفن ۽ کل جهڙين ڳالهين ۾ رکي آميريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر وچ مشرق ۾ عراقي طرز ۽ عراقي بنيادن تي جنگي باهه کي تيز ڪري رهيو آهي. وچ مشرق ۾ جنگ جي ڀڙڪيل باهه جي باري ۾ سڄي دنيا جي ملڪن کي جنگ جي خاتمي لاءِ خاص ڪوششون ڪرڻ گهرجن، اها باهه هڪ دفعو وڌنڌي ته وري شام جي صورت ۾ ٻيو عراق سامهون ايندو. 10 سال اڳ جڏهن عراق ۽ ايران جي حڪومتن تي ائٽمي ۽ ڪيميڪل هٿيارن جي هجڻ جي بنياد تي عراق تي حملو ڪيو ويو هو ته پهريان ان کي درست سمجهيو ويو پر جلدئي اها باهه ڀڙڪندي افغانستان کي ڀسم ڪندي پاڪستان ۾ پهتي هئي ۽ پاڪستان بنا دير ان باهه جي اثرن ۾ ڦاسايو ويو هو. ان باهه جي ڪري پاڪستان جي سڀ کان منظم اداري فوج کان ويندي شهرين پاران جيڪي بي پناهه قربانيون ڏنيون، ملڪ جو نانءُ نشان مٽائيندڙن خلاف جدوجهد ڪئي، تنهن ٿڌي ٿيل جنگ کي بيهر ڀڙڪو ملي سگهي ٿو.

پاڪستان سرڪار کي عالمي منظرنامي ۾ پنهنجي ڪردار تي به خيال ڪرڻو پوندو ته ملڪ جي بچاءَ توڙي پرائي جنگ ۾ اڙجي پوڻ واري ماضيءَ جهڙين ڳالهين کان به پاڻ بچائڻو پوندو.

ڇنڇر 8  اپريل 2017ع، 10  رجب المرجب 1438 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سرڪار جو ساراهه جوڳو قدم…

سنڌ سرڪار طرفان سرڪاري نوڪرين ۾ ڀرتين لاءِ اميدوارن کي عمر جي حوالي سان رعايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے