23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڪوهستان وڊيو اسڪينڊل ۾ سپريم ڪورٽ پاران نادرا چيئرمين کان ڇوڪرين جا تفصيل طلب

supreme courtاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪوهستان وڊيو اسڪينڊ ڪيس ۾ نادران چيئرمين سرن جان بيب ۽ بازيخا بيبي جا تفصيل طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 20 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، جسٽس اعجاز افضل چيو آهي ته جيڪڏهن ڇوڪرين جو جيئرو هجڻ ثابت ٿئي ته معاملو ختم ٿي ويندو، ڇوڪرين کي عدالت ۾ طلب ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو نظر نه پيو اچي، عدالت ۾ ڇوڪرين جي سڃاڻپ ڪير ڪندو، ڇوڪرين کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ ۾ گھٻراهٽ ڪهڙي آهي، ان تي والدين جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته قبيلائي رسمن موجب ڇوڪرين کي عدالت ۾ پيش نٿو ڪري سگھجي، جسٽس اعجاز افضل چيو ته علائقي جو دورو ڪندڙ ڪميشن جي رپورٽ تي شڪ پيدا ٿي چڪا آهن، افضل ڪوهستان جي وڪيل چيو ته ڇوڪرين جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي سگھجي ٿو ان تي جسٽس اعجاز افضل چيو ته وڪيل صاحب ڇوڪرين جو ڊي اين اي ٽيسٽ ايترو سولو ناهي، جڏهن ته جسٽس مقبول باقر چيو ته ٻن ڇوڪرين نادرا جو رڪارڊ حاصل ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي، ڇوڪرين جو بائيو ميٽرڪ ٽيست ڪرائڻ  ڇو پيا گھٻرايو.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے