23 اڱارو , مئي 2017

پشاور ۾ ڪارروائيون، 86 ڄڻا گرفتار، هٿيار ۽ منشيات هٿ

Men Arrestپشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن دوران 86 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.  گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار ۽ منشيات به هٿ ڪئي وئي آهي. پوليس موجب سرچ آپريشن گلبرگ، تاج آباد، سفيد ڍيري، پشتخره ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪيو ويو آهي. آپريشن دوران 86 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 39 شڪي به شامل آهن. پوليس موجب 47 ڄڻن کي مسواڙي ايڪٽ جا دستاويز مڪمل نه هئڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار جوابدارن وٽان 13 پستولن، ڪيترائي ڪارتوس ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي آهي. پوليس موجب آپريشن دوران ڪيترن ئي گهرن جي جهڙتي به ورتي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

754331-sirajulhaq-1409129545-364-640x4801

ملڪ مان ڪرپشن رڳو جماعت اسلامي ختم ڪري سگهي ٿي: سراج الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ): جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪمران روڊن ۽ پلين …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي