24 سومر , سيپٽمبر 2018

اي ڊي خواجا کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت، ڪابينا اجلاس جي ايجنڊا ڇا هئي؟:سنڌ هاءِ ڪورٽ

Sindh High Courtڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  سنڌ حڪومت جي آءِ جي اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائڻ خلاف ڏنل اسٽي ختم ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي اي ڊي خواجا کي حتمي فيصلي تائين عهدي تي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 11 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کي سنڌ ڪابينا جي اجلاس جي ايجنڊا پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي جسٽس منيب اختر  چيو آهي ته حتمي فيصلي تائين حڪمن جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته پوليس فورس جو آل پاڪستان سروس ۾ هئڻ تڪراري نه آهي. عدالت چيو ته جيستائين حتمي فيصلو نٿو ٿئي اي ڊي خواجه کي ڪم جاري رکي. عدالت ۾ سنڌ سرڪار پاران آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جي خلاف توهين عدالت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت پاران ايڊيشنل اٽارني جنرل سلمان طالب الدين جواب داخل ڪرائيندي چيو ته 1993ع وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ اتفاق ٿيو ته صوبي جي  آءِ جي جي مقرري وفاق جي مشوري سان ٿيندي. جڏهن رکڻ جو اختيار وفاق وٽ آهي. هن چيو ته وفاق صوبائي سرڪار جي تجويز مڃڻ جو پابند ناهي، جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو ته وفاقي آفيسر کي ترقي ڏيڻ جي لاءِ به وفاق جي منظوري ضروري آهي. هن چيو ته وفاقي آفيسر کي ساڳي گريڊ ۾ مقرر ڪرڻ جو  صوبائي اختيار آهي پر آفيسر کي پنهنجي گريڊ کان وڌيڪ گريڊ ڏيڻ صوبي کي اختيار نه آهي هن کي وفاق جي اجازت ضروري هوندي آهي. هن چيو ته وفاق چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ جي نالن کي صوبن ڏانهن موڪليو ويندو صوبو هڪ نالو 15 ڏينهن ۾ تجويز ڪندي جيڪڏهن نالو نه ڏئي سگهي ته وفاق کي اختيار آهي ته هو پنهنجي مرضي سان آءِ جي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري رکي سگهي ٿو. جڏهن ته سيڪريٽري سروسز پنهنجو حلف نامو جمع ڪرائيندي چيو آهي ته اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 28 ڊسمبر 2016ع جي حڪم جي خلاف ورزي نه ڪئي آهي. هن چيو ته اي ڊي خواجا اوپي ايس تي ڪم ڪري رهيو آهي. ان ڪري آءِ جي سنڌ جي خدمتون وفاق کي واپس ڪري ڇڏيون آهن. چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ توهين عدالت واري ڪيس ۾ پنهنجي جوابي حلف نامو جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ضمير گهمرو چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.آءِ جي سنڌ جون خدمتون پوليس ايڪٽ 3 جي تحت وفاقي حڪومت جي حوالي ڪيون وينديون، جسٽس منيب اختر ايڊووڪيٽ جنرل کي چيو ته خيال رهي ته حڪم جي ڀڃڪڙي نه ڪئي وڃي. عدالت ۾ درخواست گذار جي وڪيل ايڊووڪيٽ فيصل صديقي موقف اختيارڪندي چيو آهي ته پوليس آرڊر 2002ع کي ختم ڪري صوبي ۾ پوليس ايڪٽ 2011ع رائج ڪيو ويو آهي جيڪو غير قانوني آهي. ايڊووڪيٽ فيصل صديقي چيو ته آئين جي موجب ريلوي پوليس سميت هرقسم جي پوليس وفاق جي اختيار ۾ آهي. عدالت سنڌ حڪومت جي آءِ جي اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائڻ خلاف ڏنل اسٽي ختم ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي، اي ڊي خواجا کي حتمي فيصلي تائين عهدي تي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 11 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کي سنڌ ڪابينا جي اجلاس جي ايجنڊا پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ٻڌڻي کان پوءِ ايڊووڪيٽ فيصل صديقي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عدالت ۾ بنيادي دليلن ان ڳالهه تي ڏنا ويا ته سنڌ ۾ ڪهڙو پوليس ايڪٽ آهي.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chief Justice inaugurated Greater Karachi Sialaj Plan S Thari Project in Hyderabad

ملڪ ۾ پاڻي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، پاڪستان دشمنن جون سازشون ناڪام ٿينديون: چيف جسٽس

چترال (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ملڪ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے