21 سومر , آگسٽ 2017

پيپلزپارٽي جو 37 سالن وارو دور سنڌ لاءِ ڪارو دور رهيو: عابد شير علي

Abid Sher Aliحيدرآباد(ويب ڊيسڪ) پاڻي ۽ بجلي جي مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته پيپلزپارٽي جو 37 سالن وارو دور سنڌ لاءِ ڪارو دور رهيو آهي، ايندڙ سنڌ جو وڏو وزير نواز ليگ جو ايندو. وفاقي وزير مڪلي ۾ کلي ڪچهري ڪئي، جنهن ۾ اڳوڻي ضلعي ناظم شفقت شاهه شيرازي، ايم اين اي اياز شاهه ۽ اعجاز شاهه سميت حيسڪو عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شهرين ۽ مختلف ڳوٺن جي رهواسين بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ ڊڊڪشن بل موڪلڻ سميت حيسڪو خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. عابد شير علي جو چوڻ هو ته وزيراعظم نواز شريف لاهور ۽ فيصل آباد وانگر سنڌ ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪري رهيو آهي. هن پيپلزپارٽي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ملڪي ناڻو ڦريندڙن جي احتساب جو وقت اچي ويو آهي.  هن چيو ته سنڌ ۾ روزگار، صحت ۽ تعليم جو حق کسيو ويو آهي. ماڻهو پيئڻ واري پاڻيءَ لاءِ پريشان آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊ سڌارن کانسواءِ چونڊون ٿيون ته گندگي موٽي ايندي: طاهرالقادري

لاهور (ويب ڊيسڪ): پاڪستان عوامي تحريڪ سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري چيو آهي ته چونڊ سڌارن کانسواءِ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي