21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ناني

images (1)ناني مون کي  ڀائيندي آ،

ڏاڍو دل سان چاهيندي آ.

 

روز ٻڌائي ٿي آکاڻيون،

هتان هتان جو کوڙ آکاڻيون.

 

جڏهن به ڪيڏهن ويندي آهي،

خرچي کوڙ ته ڏيندي آهي.

 

منهنجو ڏاڍو خيال رکي ٿي،

هردم سار سنڀال لهي ٿي.

 

هن جون ڳالهيون حڪمت واريون،

هن جون سوچون شفقت واريون.

 

ڏاهپ جا ٿي درس پڙهائي،

ناني رب جي رحمت آهي.

 

لوڪ ٿو ڄاڻي هن حڪمت کي،

گهر ۾ “ وڏڙن سان برڪت“ کي.

 

ناني ساري گهر جي سونهن،

”وفا“ سڀن جي وندر ورونهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

امان

امان! ڀيڻ کي پڻ اجازت ڏيو! پڙهڻ ٿي هوءَ چاهي رڪاوٽ نه ٿيو.   نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے