17 اڱارو , آڪٽوبر 2017

عوامي آواز : اسان جي ميڊيا ۾ پيشوراڻي عنصر جي کوٽ آهي: انجم رضوي | پروگرام : سنڌ منظر

پروگرام جا ميزبان ۽ اينڪر وڪيل ٿي فتويٰ جاري ڪندا رهن ٿا

خبر ۽ خواهش ۾ فرق ناهي: ع آ ٽي وي پروگرام ”سنڌ منظر“ ۾ اظهار

ڪراچي (رپورٽر) اسان جي ميڊيا اڃا بانبڙا پائڻ واري عمر ۾ آهي، صحافت نائين کان پنجين وڳي تائين واري نوڪري نه پر جنون جو نالو آهي، جيڪو چوويهه ڪلاڪ ڪم ڪرڻ ۾ مشغول رکي ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار مشهور ۽ سينيئر صحافي انجم رضوي عوامي آواز  ٽي وي جي پروگرام ”سنڌ منظر“ ۾ ميڊيا جي ڪردار بابت ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته جيستائين بهتان، الزام لبرل ازم خلاف قانون تي عمل نه ڪيو ويندو، اسان وٽ ميڊيا ترقي نه ڪري سگهندي، ڪنهن جي به ٽوپي لاهڻ، الزام لڳائڻ بي عزتي ڪرڻ بدلو وٺڻ پاڪستاني ميڊيا جو معمول بڻيل آهي. خاص طور تي اينڪر ۽ ميزبان متعلق ڳالهائيندي انجم رضوي چيو ته اسان وٽ اينڪر وڪيل ٿي ويندا آهن، فتوا جاري ڪرڻ، جرح ڪرڻ، مهمان کي بي عزت ڪرڻ ۽ پنهنجي راءِ ڏيڻ روز جو معمول بڻيل آهي، اسان جي ميڊيا ۾ پروفيشنلزم جي کوٽ آهي، رپورٽر، صحافي ڪئمرا مئن ڪنهن کي به تربيت ناهي وڏني ويندي. غير معمولي يا جنگ جي حالتن ۾ رپورٽنگ کان اڻڄاڻائي آهي، پنهنجي جان بچائي رپورٽنگ ڪرڻ وارو هنر ناهي سيکاريو ويو خبر ۽ خواهش ۾ فرق واضح هئڻ گهرجي، صحافي خاص طور تي ميزبان لاءِ ضروري آهي ان کي خبر ٺاهڻ ۽ ڏيڻ جو هنر هئڻ گهرجي. پاڪستاني ميڊيا ۾ حقيقتن بجاءِ  سن سني خيزي جي ڀرمار آهي، خبر کي وڌائڻ، ٽوڙي پيش ڪرڻ حقيقت لڪائڻ تي زور هوندو آهي. قائدن ۽ قانونن ضابطا اخلاق جي کوٽ آهي، سنڌي اردو پروگرامن ۾ انگريزي جا لفظ ڳالهايا وڃن ٿا، بريڪنگ نيوز جو دور آهي. خبر جي تصديق ۽ تفصيل ۾ ڪوئي نٿو وڃي، خبرن کي به انٽرٽينمينٽ بڻايو ويو آهي. مختلف پروگرام ڪرڻ لاءِ گهربل لياقت ميزبان وٽ آهي ئي ڪو نه، مشرف دور ۾ اخبارن جي مالڪن کي چينل کولڻ جا لائسنس جاري ڪيا ويا. هن چيو ته جيستائين ڏسندڙ ميچوئر نه ٿيندا چينل به ميچوئر نه ٿيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: بائيو مئٽرڪ نظام سان پرائمري تعليم ۾ بهتري نه آئي | پروگرام: سنڌ نگر، ميزبان : حنيف ساگر | ٽيلي فول لائن تي :عبيد ڌاريجو، اي بي سومرو، شبير ڀٽي

عبيد ڌاريجو      پير جو ڳوٺ بائيوميٽرڪ نظام سان تعليم ۾ بهتري نه آئي اسڪول ويران …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي