21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

عوامي آواز : سماجي تبديلي سواءِ عورت آزاد نه ٿيندي: مهر النساءَ | پروگرام : سرتيون

سياسي جماعتون عورتن کي حق نٿيون ڏيارين: صالحا اطهر

قانونسازي تي عمل ناهي: ع آ ٽي وي پروگرام ”سرتيون“ ۾ اظهار

ڪراچي (رپورٽر) عورتن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ بابت عوامي آواز جي پروگرام ”سرتيون“ ۾ ميزبان حميده گهانگهرو سان ڳالهائيندي ليڪکا ۽ سماجي ڪارڪن صالحا اطهر چيو ته سياسي جماعتون عورتن جي حقن لاءِ قانونسازي نه ڪن ٿيون پر قانون تي عمل نهٿيون ڪرائن. ننڍي عمر جي شادي هجي يا ڪارو ڪاري قرآن سان شادي ڪرائڻ هجي يا حق بخشرائڻ ڪنهن به مسئلي تي قانون مطابق عمل نه ٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته ڳوٺن ۾ عورتن تي ٿيندڙ ظلم انهن جي مزدوري ڦٻائڻ جهڙن معاملن کي ڏسي هن سماجي جدوجهد شروع ڪئي. هن چيو ته جيستائين پراڻي رسم رواج قائم رکڻ واري سوچ، مذهبي انتهاپسندي رسمون ۽ جاگيرداراڻا نظام تبديل نه ٿيندو تيستائين عورت غلام رهندي. استاد شاعره ۽ سماجي ڪارڪن مهر النساءِ چيوته پيءُ ماءُ جي ملڪيت ۾ نياڻي جو قانوني حق آهي ۽ حق بخشرائڻ واري رسم پنهنجي ملڪيت بچائڻ لاءِ ۽ گهر جي ملڪيت ٻاهرين ماڻهو جي هٿ ۾ وڃڻ کان بچائڻ لاءِ متعارف ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته قرآن سان شادي ڪرائڻ واري رسم به ساڳي سوچ جو تسلسل آهي. هن چيو ته نياڻي کي پنهنجي جاگير سمجهي قربان ڪيو وڃي ٿو. ننڍڙي عمر ۾ شادي ڪرائڻ گناهه آهي ۽ بيواهه عورت کي معاشري ۾ ننديو وڃڻ يا مرحوم مرس جي ڀاءُ سان شادي ڪرائڻ جهڙا فيصلا عورت جي مرضي خلاف ڪيا ويندا آهن. جيستائين عورتن ۾ تعليم عام نه ٿيندي قانونن تي عمل نه ٿيندو عورت معاشري ۾ غلامي واري زندگي گهاريندي رهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi political parties to convince the public can vary: Riaz Lund

نيوز: ڪراچي : سياسي پارٽيون عوام کي پاڻ ڏانهن قائل نٿيون ڪري سگهن: رياض لنڊ

*قانوندان ڪامريڊ رياض لنڊ چيو آهي ته سياسي پارٽين جو  سياسي ۽ اقتصادي منشور ايترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے