27 خميس , اپريل 2017

وار ۽ خوبصورتي

04ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وارن جو حسن عورتن جي خوبصورتي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي پر ان لاءِ ضروري آهي ته وار حقيقي معنيٰ ۾ خوبصورت هجن. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته عورتون وار ڊگها ڪرڻ جي خواهش ۾ انهن تي ايترا تجربا ڪنديون آهن جو انهن کي خراب ڪري ڇڏينديون آهن، ان دوران ضروري آهي ته جيڪڏهن وارن کي بهتر بڻائڻ جو شوق آهي ته ان لاءِ نت نوان طريقا نه آزمايا وڃن بلڪ هڪ ڀيرو ڪا شئي فائدو ڏئي ته ان کي برقرار رکيو وڃي، سڀ کان وڌيڪ اهو ته ڪابه شئي هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ پنهنجو نتيجو نه ڏيکاريندي آهي بلڪ ان لاءِ ڪجهه هفتا يا هڪ کان ٻه مهينن جو وقت ڏيڻ لازمي هوندو آهي، ان لاءِ جڏهن به ڪا نئين شئي آزمائڻ جو خيال اچي ته ان کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه مهينا لازمي استعمال ڪيو، جيڪڏهن ان دوران وارن جي صحت ۾ ٿورو گهڻو فرق نظر اچي ته ان جو استعمال جاري رکو پر جيڪڏهن اونڌو وار ڇڻڻ لڳن يا ڪمزور ٿين ته ان صورت ۾ فوري طور تي ان جو استعمال بند ڪيو، ٻئي طرف مناسب وقفن سان ٻه منهان وار به ڪٽرائيندا رهو ان سان صرف وار ڏسڻ ۾ وڌيڪ خوبصورت ۽ پرڪشش نظر ايندا بلڪ ٻه منهان وار ڪٽجي وڃڻ سان انهن جي خوبصورت به وڌندي ۽ تيزيءَ سان وار وڌڻ لڳندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

white hairs men worride

وار ڪارا ڪرڻ جا گهريلو ٽوٽڪا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ )خوبصورت وار صحت جي نشاني هوندا آهن ۽ جيڪڏهن وار اڇا ٿي وڃن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي