20 خميس , سيپٽمبر 2018

نواز شريف کي باقي صوبن جيان سنڌ به عزيز آهي، هو سڄي پاڪستان جو وزيراعظم آهي: مريم اورنگزيب

C7_n0KVU8AAlIGxاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سُڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگرديءَ جو شڪار رهيو آهي، دهشتگرديءَ باوجود پاڪستاني قوم سدائين پرعزم رهي آهي، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان اسڪول سيفٽي فريم ورڪ تي گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ تمام گھڻو ڪم ٿيو آهي، ويزن 2025 ۾ به تعليم تي خاص ڌيان ڏنو ويو، پاڪستان جون حالتون بدلجي رهيون آهن، اسان ترقيءَ جي رستي تي هلي رهيا آهيون، مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته اسلام آباد جي 422 اسڪولن جي سڪيورٽيءَ ۾ بهتري آندي وئي آهي، پنجاب ۾ 55 هزار اسڪولن جي لاءِ سڀ قدم کنيا ويا آهن، نصاب ۾ معاشرتي، ماحولياتي ۽ پارليماني بابن جي واڌ ڪئي ويندي، موجوده دور ۾ اسان هر شعبي ۾ ترقي ڪئي آهي، وزيراعظم سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختون خواهه جا دورا ڪندو رهندو، وزيراعظم جي دورن تي ڪنهن کي سياسي بيان ڏيڻ جي ضرورت نه آهي، ڪارڪردگيءَ ۽ سياست کي الڳ نه ٿو ڪري سگھجي، وزيراعظم سڄي پاڪستان جو وزيراعظم آهي، نواز شريف کي ٻين صوبن جيان سنڌ به عزيز آهي، وزيراعظم ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٺٽي رڳو سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ ويو هو.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے