25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سپريم ڪورٽ پنجاب پوليس ۾ آئوٽ آف ٽرن ترقيون ماڻيندڙ 121 آفيسرن جون ترقيون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

SUpreme Court Of pakistanاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پنجاب پوليس ۾ آئوٽ آف ٽرن ترقيون ماڻيندڙ 121 آفيسرن جون ترقيون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس امير هاني مسلم چيو آهي ته جيڪي آفيسر ٽِپُو ڏئي اڳتي آيا آهن، انهن کي واپس وڃڻو پوندو، بهتر آهي ته آفيسر استعيفيٰ ڏين، اسان فيصلو ڪيو ته ڏکيائين ۾ ڦاسي پوندا. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهيءَ ۾ ٽَي رڪني بئنچ پنجاب ۾ آئوٽ آف ٽرن پروموشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پوليس آفيسرن طرفان خواجا حارث، ملڪ قيوم ۽ عائشه حامد پيش ٿيا. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته قانون وارو وزير ڪير آهي؟ جنهن تي هــُن چيو ته راڻا ثناءُ الله پنجاب جو قانون وارو وزير آهي. جسٽس امير هاني مسلم چيو ته چيف سيڪريٽري رپورٽ ۾ ڪميٽي جو ذڪر ئي ناهي ڪيو، اسان ان بابت آبزرويشن ڏينداسين. جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته آفيسر ٻڌائين ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڏئي يا ريٽائرمينٽ وٺندا، بهتر آهي ته آفيسر ريٽائرمينٽ وٺي ڇڏين، فيصلو ڏنو ته کين ڏکيائي ٿيندي. جسٽس امير هاني مسلم چيو ته جيڪي ماڻهو ٽپو ڏئي اڳتي آيا، انهن کي واپس وڃڻو پوندو، جنهن جو وارو هوندو، ان کي ئي اڳتي اچڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ ۾ سمورا آئوٽ آف ٽرن پروموشن واپس ڪيا، جيڪڏهن کاتا صحيح ڪم ڪن ته ماڻهو سپريم ڪورٽ تائين نه اچن، الله کي جواب ڏيڻو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت مني بجيٽ نه پر مني ڊرامو پيش ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت مني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے