23 اڱارو , مئي 2017

ڪرپٽ ماڻهن خلاف اطلاع ملڻ تي سخت قدم کنيو ويندو: پرويز خٽڪ

parvez-khatakپشاور  (ويب ڊيسڪ): خيبر پختونخواه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته مان ڪرپشن کان پاڪ آهيان،  ڪنهن ٻئي جي ڇا مجال آهي ته هو رشوت وٺي، ڪرپشن ڪرڻ وارن خلاف اطلاع ملڻ تي بنا فرق ڪارروائي ڪئي ويندي، پرويز خٽڪ پراسپيڪٽنگ لائسنس ڊسٽري بيوش جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪي پي ڪي ۾ سيمينٽ فيڪٽري لڳائڻ لاءِ 44 مان 14 کي لائنسنس  ڏئي رهيا آهيون، اسان منضفاڻي طريقي سان لائسنس جي ورهاست چاهيون ٿا، جڏهن ته صوبي ۾ فيڪٽري لڳائڻ لاءِ ڪنهن اين او سي جي ضرورت نه آهي، هن چيو ته منهنجو دامن ڪرپشن کان پاڪ آهي، صوبي ۾ ڪنهن آفيسر کي جرئت ناهي ته اهو رشوت وٺي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪرپٽ آفيسر خلاف شڪايت ملي ته ان خلاف فوري ڪارروائي ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

1

جيستائين پاڪستان ۾ جمهوريت مضبوط نه ٿيندي، تيستائين مڪاني ادارا مضبوط نه ٿيندا: ايم جي خان

ڪراچي (رپورٽر): هيوسٽن سٽي ڪائونسل جي ميمبر ايم جي خان چيو آهي ته جيستائين پاڪستان …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي