23 آچر , سيپٽمبر 2018

مسئلن جي باوجود پاڪستنا جي ترقي تي دنيا حيران آهي: مريم اورنگزيب

Mariyam Orangzaibاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ترقي تي راهه تي گامزن آهي ۽ ڪيترن ئي مسئلن جي باوجود پاڪستنا جي ترقي کي ڏسي سڄي دنيا حيران آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 55 هزار ماڻهو پنهنجو سر وڃائي چڪا آهن، موجوده حڪومت ۾ دهشتگردي جو خاتمو ممڪن ٿيو ۽ ڪيترين ئي قربانين کان پوءِ پاڪستان ان مقام تي پهتو آهي جو اڄ پاڪستان ترقي جي رستي تي گامزن آهي. هن چيو ته نه رڳو لوڊشيڊنگ ۾ واضع گهٽتائي آئي پر گذريل 40 سالن ۾ منصوبا نه لڳايا ويا انهن تي به ڪم ٿي رهيو آهي ۽ وزير اعظم پاڻ انهن منصوبن جي نگراني ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ کي سڄي دنيا ۾ گيم چينجر سمجهيو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اتر وزيرستان ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اتر وزيرستان ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے